ڳاڙهي ڀرسان ريتي سان ڀريل ٽرڪ موٽرسائيڪل مٿان چڙهي وئي، 2 ڀائر چيڀاٽجي فوت

اپريل 28, 2025

ٺٽو/ڳاڙهو(رپورٽر/ن پ ا) ڳاڙهي ڀرسان ٻگهاڻ واسي 2 ڀائر محتاب ۽ الطاف ڪڙمون شادي ۾ شرڪت کانپوءِ موٽرسائڪل تي ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته ڳاڙهو  باءِ پاس وٽ ريتي سان ڀريل ٽرڪ موٽر سائيڪل مٿان چڙهي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ڀائر  ٿڏي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا، ڳاڙهو پوليس ضروري ڪارروائي ڪندي ٽرڪ ۽ ڊائيور کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، ضروري ڪارروائي بعد الطاف ۽  جو محتاب ڪڙمون جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، لاش گهر پهچڻ تي قهرام ٿي ويو، فوتين جا مڙهه اباڻي قبرستان ميران پير ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، سندن والد سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

 

Leave A Comment