| ڳاڙهي ۾ گهرو تڪرار خونريزي ۾ تبديل، هڪ ڀاءُ قتل، ٻيو زخمي |
ڳاڙهو (رپورٽ: عبدالله راڻو) ڳاڙهو ٿاڻي جي حد ۾ گهريلو تڪرار خونريزي ۾ تبديل، هڪ ڄڻو قتل، ٻيو زخمي ٿي پيو. ڳاڙھو لڳ ڳوٺ گل بهار ملاح ۾ مبينا نشي جي حالت ۾ مڙس زال تي تشدد ڪيو، وارثن موجب رضيا مڙس احمد ملاح جي تشدد کان تنگ ٿي ڀائرن وٽ پناهه لاءِ پهتي، ان دوران جوابدارن گهر تي حملو ڪيو، لٺين ۽ ڪهاڙين جو استعمال ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ محبوب ملاح زخمي ٿي پيو، اسپتال نيندي هن دم ڏنو، سندس ڀاءُ حاجي ولد مٽر ملاح زخمي ٿي پيو، رورل ھيلٿ سينٽر ور ۾ ايم ايس ڊاڪٽر ساجد شيخ ابتدائي طور ٻڌايو ته فوتي جي موت جو سبب دماغ تي تيز ڌار اوزار سان ڌڪ سبب گهڻو رت وهڻ آهي، واقعي بابت اين سي ڳاڙهو ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي، ڪا به گرفتاري نه ٿي سگهي هئي.