| ڳري ٽريفڪ انساني جانين لاءِ هاڃيڪار، ٺٽي ۾ شاگرد روڊن تي اچي ويا |
ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي ۾ انساني جانين لاءِ ھاڃيڪار بڻيل ڳري ٽرئفڪ خلاف ٺٽي جي شاگرد ۽ شاگردياڻين روڊن تي نڪري احتجاجي مظاھرو ڪري شھري آبادي مان ڳرين گاڏين جي لنگھڻ تي پابندي وجهڻ جي گهر ڪري ڇڏي آھي ان ڏس ۾ ٺٽي ۽ مڪلي جي مختلف اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين آسيه سھتو، شير يار خشڪ ، عبدالسميع پيرزادو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٺٽي شھر جي باءِ پاس ھوندي به ٽرئفڪ پوليس ڳرين گاڏين وارن کان ڳري رشوت عيوض کين شھر مان گذاري ٿي، جنھن ڪري ھڪ طرف ٽرئفڪ جام رھي ٿي ته ٻئي طرف حادثا ٿيڻ روز جو معمول ٿي رهيا آھن.. ھنن گھر ڪئي ته ڳرين گاڏين جي آمدرفت ٺٽو ۽ مڪلي تان بند ڪري کين باءِ پاس تان روانو ڪري وڌيڪ انساني جانيون بچايون وڃن.