ڳورهاري عورت تي تشدد، پيٽ اندر موجود ٻارڙي مري وئي

آڪٽوبر 28, 2023

ميرپورخاص جي نجي اسپتال ۾ ڊاڪٽرياڻي جي وارثن جي تشدد ۾ ڳورهاري عورت جي پيٽ اندر موجود ٻارڙي مري وئي

گذريل رات مريض عورت شمائلا جي ڀاءُ وقاص ۽ ڊاڪٽرياڻي ماهنور وچ ۾ آپريشن جو فارم ڀرڻ تان منهن ماري ٿي، ڊاڪٽرياڻي ماهه نور ڳورهاري عورت جي ڀاءُ کي فارم تي صحيح ڪرڻ لاچيو

شمائلا جي ڀاءُ وقاص چيو ته منهنجو ڀيڻيوو اچڻ وارو آهي اهو صحيح ڪندو، ڊاڪٽرياڻي ماهه نور گٿا لفظ ڳالهائيندي چيو ته پرايون زائفون وٺي اچي انهن جا غلط آپريشن ٿا ڪرايو، منهن ماري بعد ڊاڪٽرياڻي پنهنجي مڙس، پيءُ ۽ ٻين مائٽن کي گهرائي ورتو

ڊاڪٽرياڻي جي مڙس ۽ مائٽن ڳورهاري عورت ۽ سندس ڀاءُ تي تشدد ڪيو، پوليس ڊاڪٽرياڻي ۽ سندس مڙس سميت 5 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو، ڊاڪٽرياڻي جو والد انعام ۽ سندس سئوٽ حمزه هٿيارن سميت گرفتار، اسپتال انتظاميا ڊاڪٽرياڻي ماهه نور ۽ سندس ڊاڪٽر مڙس کي معطل ڪري ڇڏيو

Leave A Comment