ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڳورهاري عورت جي ڪري قطر جي جهاز جي ڪراچي ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ ڪرائي وئي جهاز دوحا کان منيلا وڃي رهيو هو
سول ايوي ايشن اٿارٽي ترجمان موجب ڪراچي ايئرپورٽ تي دوحا-منيلا فلائيٽ جي ميڊيڪل ايمرجنسي بنيادن تي لينڊنگ ڪرائي وئي
جهاز ۾ سوار ڳورهاري عورت کي تڪليف جي ڪري ڪراچي ايئرپورٽ تي قطر ايئر ويز ڪيو آر 934 جي رات جو هنگامي لينڊنگ ٿي
عورت کي جهاز تي ئي ضروري امداد ڏني وئي لينڊنگ تي ڊاڪٽر ايمبولينس پهتي پر ٻار جي پيدائش ٿي چڪي هئي
فلپائن سان تعلق رکندڙ عورت رابل هرموسيلا ۽ سندس ٻار کي وڌيڪ علاج لاءِ ميمڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو