| ڳوٺاڻن کي متبادل نه ڏيڻ تي چيف سيڪريٽري کان رپورٽ طلب |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ ليمون ڳوٺ جي نالي جي متاثرن کي متبادل نه ملڻ خلاف درخواست تي چيف سيڪريٽري کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، آئيني بينچ حاجي ليمون ڳوٺ، گلشنِ اقبال نالي جي متاثرن کي متبادل سهولتون فراهم نه ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ کان هڪ هفتي اندر تفصيلي رپورٽ به طلب ڪري ورتي، درخواستگذار جي وڪيل نبي بخش لغاري عدالت کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ گجر نالي، اورنگي ٽائون ۽ محمود آباد نالن جي متاثرن کي متبادل زمين فراهم ڪرڻ ۽ تعميراتي خرچ ادا ڪرڻ جا واضح حڪم جاري ڪيا هئا، جن تي عمل پڻ ٿي رهيو آهي، وڪيل موجب انهن نالن جي متاثرن کي متبادل پلاٽ ۽ تعمير جا خرچ پڻ ادا ڪيا پيا وڃن، پر حاجي ليمون ڳوٺ، گلشنِ اقبال نالي جي متاثرن کي اهڙي ڪا به سهولت فراهم ناهي ڪئي وئي، جيڪا امتيازي سلوڪ جي برابر آهي، درخواستگذار جي وڪيل وڌيڪ چيو ته آگسٽ 2025ع ۾ به سنڌ هاءِ ڪورٽ چيف سيڪريٽري سنڌ کي حڪم ڏنو هو ته متاثرن کي سهولتون فراهم ڪرڻ بابت کنيل قدمن کان عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي، پر هن وقت تائين ڪا به رپورٽ پيش نه ڪئي وئي آهي، غلام نبي لغاري ايڊووڪيٽ عدالت کي ٻڌايو ته عدالت جي حڪمن باوجود چيف سيڪريٽري سنڌ طرفان لاپرواهي ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب متاثر خاندان سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، عدالت معاملي جي وڌيڪ ٻڌڻي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.