ڳوٺاڻن کي 1999 وارو طوفان ياد اچي ويو، خوف وارو ماحول

جُون 12, 2023

جاتي ( ن پ و)  سامونڊي طوفان اچڻ وارين خبرن جاتي جي ڪيترن ئي ڳوٺاڻن جي ذهنن تي1999ع واري تباهي تري آئي، سمنڊ ۾ ويل مهاڻا واپس نه موٽڻ تي انهن جا مائٽ راهن ۾ ديد وجهي ويٺل آهن، مهاڻن کي واپس آڻڻ لاءِ نيوي جي جوانن ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن

سامونڊي تڙ ڪلڪاڇاڻي بچاءَ بند سميت سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندڙ  ناگڻ سم نالي جي کانٽي نه ٿيڻ سبب  ڪپر ڪمزور هئڻ ڪري آس پاس جي ڳوٺن رهواسين ۾ خوف پکڙيل آهي

رهواسين جو چوڻ آهي ته انتظاميا ڪي به حفاظتي انتظام نه ورتا آهن، انتظاميه هن وقت تائين ڪي به جوڳا اپاءُ نه ورتا آھن 1999 واري سامونڊي طوفان ۾ انتظاميه پاران اڳواٽ اطلاع نه ملڻ ڪري 450 ماڻهو پنهنجون جانيون وڃائي ويٺا هئا پر هن ڀيري ته اختيارين وٽ سموري ڄاڻ به آهي تنهن باوجود ڪي خاص قدم ناهن کنيا ويا

رابطو ڪرڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر جاتي ٻڌايو ته ڦاٿل مهاڻن کي واپس آڻڻ لاءِ  قدم کنيا پيا وڃن، رهواسين کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي

Leave A Comment