ڍوري ناري جي ڳوٺ عالم پليءَ جي ديني مدرسي جي ديني توڙي دنياوي تعليم جي پالوٽ اڳوڻي ٿرپارڪر ضلعي، جنهن کي وقت به وقت ٽوڙي هاڻ سانگهڙ، ٿر، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص سميت 4 ضلعا ٺاهيا ويا آهن، صرف ان ايراضيءَ تائين محدود ناهي رهيو پر سموري سنڌ جي مختلف علائقن کان سواءِ, راجستان، گجرات ۽ ڏکڻ پنجاب جا ماڻهو به هتان فيضياب ٿيندا رهيا آهن.
اٽڪل سوا صدي اڳ هن مدرسي جو بنياد رکندڙ مولوي محمد علي جوڻيجو، گذريل ڏينهن اٽڪل 70 سالن جي عمر ۾ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل نامياري استاد حاجي محمد علي جوڻيجي جو ڏاڏو هو، پاڻ ڳوٺ عالم پلي کان ڪجھ ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر طرف واري ڳوٺ ڳموري جو رهواسي هو، زميندار احمد پليءَ پنهنجي ڳوٺ جي مسجد ۾ نماز جي امامت لاءِ کيس رکيو هو، مولوي محمد علي ان ڪم لاءِ لڏي سوڌو ڳموري مان لڏي اچي ڳوٺ عالم پليءَ ۾ رهيو هو.
ناميارو محقق ڊاڪٽر اسد جمال پلي ٻڌائي ٿو ته، “پاڪستان جي آزاديءَ کان ڪيترائي سال اڳ مٽياريءَ وارو پير غلام مجدد سرهندي پنهنجي روحاني سفر تي ڍوري ناري جي ڳوٺ عالم پلي آيو ۽ جڏهن مولوي محمد علي سان سندس ملاقات ٿي ته پير صاحب هن مولويءَ کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ پنهنجي مريد زميندار احمد پليءَ کي مولوي محمد علي جوڻيجي جو خاص خيال رکڻ جي هدايت ڪيائين”. زميندار احمد پلي پنهنجي مرشد جي هدايتن موجب مولوي محمد علي جي تمام گهڻي عزت افزائي ڪندي کيس وڌيڪ تعليم ڏيارڻ لاءِ ڳوٺ شادي ڀلي ويجهو مولانا محمد عثمان ڀنڀري جي “قِراني” مدرسي ۾ داخل ڪرايو، جتان مولوي محمد علي ديني عالم طور پڳ ٻڌي واپس ڳوٺ عالم پلي پهتو ۽ مسجد جي پيش امام واري ڪم سان گڏ دارالعلوم مدرسي جو بنياد رکيائين. ياد رهي ته ناري جا نواب سڏجندڙ پلي برادريءَ جي هڪ چڱي مڙس جو نالو “محمد عالم پلي” هو، 19هين صديءَ جي آخري ڏھاڪن واري ٿرپارڪر جي مشهور انگريز پوليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل تروٽ هتي زمينن جي مالڪاڻن حقن جي ورهاست وقت روينيو جي هزارين ايڪڙ ايراضيءَ تي ٻڌل هن هڪ پوري ديھ، جنهن کي پنجابي ۽ اردو ٻولين ۾ “موضع” ڪوٺيندا آهن، ان سموري موضع جو نالو به “عالم پلي” رکي ان ديھ جي ٿوري گهٽ سموري ايراضي جو عالم پلي کي مالڪ بڻائي ڇڏيو هو!!
عالم پليءَ جي ڳوٺ کي اها سعادت به حاصل آهي جو “جمعيّت علماء هند ٿرپارڪر” جو بنياد به هن ئي مدرسي ۾ رکيو ويو هو، جنهن جي چونڊن ۾ مولوي محمد علي جوڻيجو ۽ هاڻوڪي شاعر وزير تعليم سردار شاھ جي ڏاڏي جو ڀاءُ سيد علي اصغر عرف ڪريم ڏنو شاھ ان جا امير ۽ نائب امير چونڊيا ويا هئا.
1940ع واري ڏهاڪي جي حر تحريڪ دوران 20 مارچ 1943ع تي صبغت الله شاھ پير صاحب پاڳاري کي انگريز سرڪار پاران ڦاسيءَ جي سزا ڏئي شهيد ڪرڻ بعد سنڌ جو هيءُ سمورو خطو هڪ ڏهاڪي تائين حرن توڙي غير حرن لاءِ قتل گاهه بڻيل رهيو هو!! سنڌ جي اترئين حصي ۾ جڏهن سنڌ جو هڪ اڳوڻو وزيراعظم الله بخش سومرو ۽ جڳ مشهور صوفي راڳي ڀڳت ڪنور رام شهيد ڪيا ويا هئا، انهن ئي ڏينهن ۾ هن مولوي محمد علي جوڻيجي جي مدرسي کان سڏ پنڌ تي ديھ ڪونجيلي جي ڳوٺ باقر پلي ۾ پاڪستان جي آزاديءَ کان صرف 6 مهينا پوءِ 15 فيبروري 1948ع تي ان دؤر جي هڪ بدنام ڌاڙيل رحيم هڱوري پاران توهين مذهب جو الزام هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت پورا 24 ڄڻا شهيد ڪيا ويا هئا، مولوي محمد علي جوڻيجي انهن ڪوڙن الزامن کي پاسيرو رکي انهن شهيدن جي جنازه نماز پاڻ پڙهائي هئي.
هن علائقي جي هن سميت 4 مدرسن جي تعليمي خدمتن کان متاثر ٿي ڀر واري ڳوٺ جي سوين ايڪڙن تي مشتمل زمينداريءَ جي هڪ مالڪ لطف الله پلي پنهنجي 56 ايڪڙ زمين، 14 – 14 ايڪڙ عالم پلي، ولهيٽ، قِراني ۽ پنهنجي ڳوٺ لطف الله پلي جي مدرسن کي وقف ڪئي هئي، جيڪا اڃا تائين انهن مدرسن جي مهتمن وٽ آهي!
پاڪستان جي آزاديءَ وقت هندستان جي مختلف علائقن کان آيل پناهگيرن لاءِ وزيراعظم لياقت علي خان ۽ ٻين پاران نئين ملڪ ۾ پئدا ٿيل لکين نوڪريون حاصل ڪرڻ لاءِ جام سهولتون پئدا ڪيون پئي ويون. ان دوران وڏي وزير ايوب کهڙي، سائين جي ايم سيد، علامه آئي آئي قاضي ۽ ڪجھ ٻين سنڌ جي گهڻ گهرن فيصلو ڪيو هو ته نئين ملڪ ۾ نوڪريون سڀ مهاجرن کي ملي رهيون آهن، سو اچو ته ان جو ڪو ٽوڙ ڪڍجي! ڇو ته شهري سنڌ جا پڙهيل لکيل سنڌي هندو هتان تڙيا ويا هئا ۽ ٻهراڙين ۾ تعليم ورتل ماڻهو تمام گهٽ هئا. سو تعليم ورتل ماڻهن جو تعداد وڌائڻ لاءِ سنڌ ۾ ڪجھ اورينٽيل لينگويجز ڪاليج کوليا پئي ويا، جتي تعليم جي “معيار” بدران “مِقدار” تي زور رکيو پئي ويو!! ان سلسلي ۾ بعد ۾ نامياري شاعر، زميندار ۽ عمرڪوٽ مان چونڊيل ايم پي اي ڪريم پلي جي ڪوششن سان هن ڳوٺ عالم پليءَ جي مدرسي کي به هڪ “اورينٽيل لينگويجز ڪاليج” جو درجو ڏنو ويو هو، جنهن سان هن مدرسي ۽ ڪاليج کي سنڌ ۾ تمام گهڻي مقبوليت ملي هئي.
مولوي محمد علي جي 1955ع جي آس پاس ۾ وفات کان پوءِ سندس پٽن مرحوم مولانا محمد اسحاق جوڻيجي، حال حيات بزرگ مولوي محمد ادريس جوڻيجي ۽ سندس پٽ محمد ابراهيم ان سموري ديني توڙي دنياوي علمي ۽ ادبي ڪم کي جاري رکيو.
وڏي مولوي محمد علي جي هن پوٽي محمد علي سان گڏ اٽڪل هڪ ڏهاڪو ڍوري ناري جي ھاءِ اسڪول ۾ ماستري ڪرڻ دوران اسان سائين جن ۾ جيڪا خاص ڳالھ ڏٺي، اها ايئن هئي ته کيس هوٽل جو جيڪو ٻاهر وارو چانھ يا شربت پيش ڪندو هو ته سائين جن انهن کي به “تعليم” پيش ڪندو هو!! هن شخص اسان جي شهر جي ڪيترن ئي هوٽلن جي مزدورن، شربت، ميوا ۽ ڀاڄيون وڪڻڻ وارن پورهيتن کي پنهنجي شهر واري اوطاق تي ڪيترن ئي سالن جي لڳاتار محنت سان روزانو ڪجھ ڪلاڪ پڙهائي، لکائي کين تعليم يافتہ بڻائي سندن سخت پورهئي واري ڪم مان جان ڇڏائي هئي، عمرڪوٽ ضلعي جي بهترين
استادن ۾ ليکيو ويندڙ علي اڪبر عرف ڦوٽو گجو ان جو هڪ وڏو زنده مثال آهي!!