ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ مارجي ويل ڏوهاري هئا ته پوءِ معاوضا ڇو ڏنا ويا؟: سنڌ هاءِ ڪورٽ

نومبر 15, 2023

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ماڙي جلباڻي واقعي بابت ايس ايس پي بينظير آباد جي پيش ڪيل رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي، ڪيس جي جاچ ڊي آءِ جي بينظير آباد حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو

سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ مارجي ويل ڏوهاري هئا ته پوءِ معاوضا ڇو ڏنا ويا؟ پوليس جي چالان ۾ جوابدار نامعلوم ڇو آهن؟

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ايس ايس پي کان پڇاڻو ڪيو ته توهان پاڻ چيو آهي ته پوليس شڪي ماڻهن کي ڳوليندي رهندي آهي، جيڪڏهن پوليس مقابلو ٿيو هو ته پوءِ جوابدار نامعلوم ڇو آهن؟ مارجي ويل ڏوهاري هئا ته وارثن کي معاوضو ڇو ڏنو ويو؟

ايس ايس پي حيدر رضا چيو ته وارثن کي قتل جو معاوضو نه پر مدد لاءِ رقم ڏني وئي آهي، عدالت چيو ته توهان مقتولن جي وارثن کي گهرائي نوٽيس ڇو نه ڏنو؟ مقتولن جي وارثن کي فوري طور آفيس گهرائي نوٽيس ڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي سمورن وارثن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ٻڌڻي پهرين ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي

Leave A Comment