ڳيريلو لڳ والي بال ٽورنامينٽ، واليون هڻي اسلام آباد جتوئي فائينل کٽي ورتو

ڳيريلو لڳ والي بال ٽورنامينٽ، واليون هڻي اسلام آباد جتوئي فائينل کٽي ورتو

ڳيريلو (رپورٽ: پيارو خان سنجراڻي) ڳيريلي ويجھو لٽل والي بال ٽورنامينٽ منعقد علائقي جي ٽيمن جي شرڪت اسلام آباد جتوئي ٽيم فائينل مقابلو کٽي ٽائيٽل پنھنجي نانءُ ڪري ورتو. ڳوٺ اسلام آباد جتوئي ۾ لٽل والي بال راند جو ايونٽ ٿي گذريو جنھن ۾ آسپاس جي ڪيترين ٽيمن حصو ورتو جڏھن ته فائينل ۾ ڳيريلو ۽ اسلام آباد جتوئي ٽيمون مدمقابل ٿيون. سخت مقابلي ۽ والين جي ڏي وٺ بعد اسلام آباد جتوئي ٽيم فائينل 15_21 تان کٽي ورتو. مقابلو ڏسڻ لاء علائقي جا سوين شوقين راند جي ميدان تي پھڇي تاڙيون وڃائي رانديگرن جي ڀروپور حوصلا افزائي ڪري داد ڏنو. شھرين ۽ شوقينن عبدالفاتح جتوئي، رضوان علي، استاد رفيق احمد ابڙو ” پنھنجي اخبار ” سان ويچار ونڊيا ته گھٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ راندين جا ايونٽ ڪرائڻ سٺو سنوڻ آھن ۽ ٻھراڙين جي نوجوان رانديگرن مان احساس محرومي ختم ٿيندي ۽ اڳتي وڌڻ جا موقعا فراھم ٿيندا ٻئي طرف  والي بال رانديگرن ميدان نه ھُجڻ جي شڪايت ڪندي چيو ته حڪومت ٻھراڙين ۾ راندين جا گرائونڊ ميسر ڪري جيئن اسان جي راندين وارو جذبو برقرار رھي ۽ ملڪ سميت علائقي جو نالو روشن ڪري سگھون.