| ڳيريلي ويجھو مبينا ڪارنهن تڪرار تان ڳوٺاڻو چاقن جا وار ڪري قتل |
ڳيريلو (رپورٽ: پيارو خان سنجراڻي) ڳيريلي ويجهو ڳوٺ ٿريچا ابڙو ۾ مبينا طور پراڻي ڪارنهن تڪرار تان چاقن جا وار ڪري ڳوٺاڻي کي قتل ڪيو ويو، الله ورايو عرف نظرو چانڊيو کي جوابدار چاقن جا وار ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويا، ڳوٺاڻي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڊاڪٽرن طرفان موت جي تصديق بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف ورثن سلطان احمد ٻڌايو ته جوابدارن راجا ابڙو، شيراز ۽ ٻين کي فوري قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻئي طرف پوليس موجب ابڙا ۽ چانڊيا ذات جي ماڻهن وچ ۾ هلندڙ پراڻي دشمني سبب واقعو پيش آيو آهي.