| ڳيريلي ۾ مبينا پوليس مقابلو، 25 لک انعام يافته ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ |
لاڙڪاڻو/ڳيريلو (رپورٽ: نادر ابڙو+ پيارو خان سنجراڻي) ڳيريلو ٿاڻي جي حد ۾ 25 لک انعام يافته جوابدار کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، پوليس موجب اسنيپ چيڪنگ دوران ٽن جوابدارن سان مقابلو ٿي پيو ، جنهن دوران جوابدارن جي پنهنجي ئي ساٿي کي گولي لڳي جنهن ڪري سندن ئي ساٿي ڏوهاري مارجي ويو، مارجي ويل جوابدار جي ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي طور ڪئي وئي آهي، جوابدار لڳ ڀڳ ٻه مهينا اڳ مارجي ويل بدنام ڏوهاري ساٿي جتوئي جي گينگ جو اهم جوابدار هو ۽ شهيد انسپيڪٽر مير محمد کهوسو جي شهادت واري ڪيس ۾ پڻ ملوث هو. پوليس موجب ڪيهو جتوئي 53 کان وڌيڪ سنگين ڪيسن ۾ ملوث رهيو،سندس گرفتاري لاءِ حڪومت سنڌ پاران 25 لک روپين جو انعام مقرر ڪيو ويو هو.