ڳڙهي تيغو ۾ آپريشن ڪندڙ پوليس تي ڌاڙيلن جو حملو: گن مين شهيد: ايس ايڇ او سميت 3 اهلڪار زخمي: هڪ ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ

جُولاءِ 12, 2023

ڪرمپور(رپورٽر) ڳڙهي تيغو ۾ آپريشن ڪندڙ ڪنڌڪوٽ پوليس تي ڌاڙيلن جو حملو، ايس ايڇ او جو پرائيويٽ گن مين شهيد، ايس ايڇ او سميت 3 اهلڪار زخمي، پوليس پاران هڪ ڌاڙيل کي به مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

پوليس ڌاڙيلن هٿان اغوا ڪيل ايس ايڇ او گل محمد مهر ۽ سپاهي سميت 3 مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ڳوٺ الاهي بخش بجاراڻي وٽ پهتي ته ڌاڙيلن مٿن حملو ڪري ڏنو

ڌاڙيلن پاران پوليس جي اي پي سي تي فائر ڪيل راڪيٽ لڳڻ سبب گهوڙا گهٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او عبدالحڪيم جتوئي جو پرائيويٽ گن مين علي بحر جتوئي شهيد ٿي پيو، ايس ايڇ او عبدالحڪيم جتوئي، انچارج شيرآباد سڪندر چانڊيو ۽ احمد خان ابڙو زخمي ٿي پيا

پوليس پاران مقابلي دوران لقمان اوڳاهي نالي هڪ ڏوهاري کي به مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

ٻئي طرف ايس ايس پي عرفان سمون چيو آهي ته ڌاڙيلن سان مقابلي دوران ڪجهه پوليس اهلڪار زخمي ٿيا آهن، ڪو به پوليس اهلڪار شهيد نه ٿيو آهي

سندس چوڻ هو ته پوليس تيغاڻي گينگ جي ڪيمپن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ڌاڙيلن جا سهولتڪار به ڏوهاري آهن، انهن کي به نه ڇڏينداسين

Leave A Comment