ڳڙهي حسن ويجھو ايس ايچ او جي ڪار جي ٽڪر  ۾زخمي  2 سئوٽ نينگريون فوت

ڳڙهي حسن ويجھو ايس ايچ او جي ڪار جي ٽڪر  ۾زخمي  2 سئوٽ نينگريون فوت

ڳڙھي حسن (رپورٽ: رمضان نوناري) ڳڙهي حسن  ويجھو ڳوٺ صدرالدين نندواڻي ۾ ايس ايچ او مقصود سنجراڻي جي ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل 2 معصوم سئوٽ نينگريون اسپتال ۾ فوت، ڳوٺ صدرالدين نندواڻي ۾ 4 ڏينھن اڳ ايس ايچ او مقصود سنجراڻي جي ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل 2 معصوم نينگريون 7 ورھين جي ستابي نندواڻي ۽ 8 ورھين جي مومل ننداڻي سکر جي اسپتال ۾دم ڏئي ڏيو،  اسپتال   مان ضروري  ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، ٻي طرف ايس ايچ او مقصود سنجراڻي ڊي ايس پي ٺل غلام مصطفي ابڙو، ايس ايچ او ٺل محمد ايوب ڊوگر جي اڳواڻي ۾ نينگرين جي وارثن وٽ ميڙ منٿ قافلو پهچي ويو،  نينگرين جي وارثن تدفين بعد مٽن مائٽن سان صلاح مشھوري بعد ورندي ڏيڻ جو چيو  جنهن بعد ميڙ منٿ قافلو واپس روانو ٿي ويو.