| ڳڙهي حسن ويجھو رستي جي معاملي تان ڌرين ۾ ويڙهاند، فائرنگ، نوجوان قتل: 11 ڄڻا زخمي |
ڳڙھي حسن (رپورٽ: رمضان نوناري) ڳڙھي حسن لڳ ڪنڊراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ رستي جي معاملي تان جھيڙو، فائرنگ ۾ نوجوان قتل، 11ڄڻا زخمي، ڳوٺ عبدالرحمان ڪنڊراڻي ۾ شربت ڀيل ڪنڊراڻي ۽ رحمت الله ڪنڊراڻي جي ٻن ڌرين ۾ رستي جي معاملي تان جھيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا عورتن نظيران خاتون، شاھ بيبي خاتون، امينا خاتون، ريشمان خاتون، گودي خاتون، لدو خان،سڪندر ۽ نذاڪت ڪنڊراڻي سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس پھچي زخمين کي تعلقي اسپتال ٺل پھچايو، زخمي واپس پنھنجي گھر وڃي رھيا ھئا ته ڳوٺ ٻاھران ڳڙھي حسن باءِ پاس وٽ هٿياربندن ٻيھر حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب رحمت الله ڪنڊراڻي جي ڌر جو نوجوان عنايت الله ڪنڊراڻي والد سوالي ڪنڊراڻي موقعي تي ئي مارجي ويو، گوليون لڳڻ سبب سيف الله ڪنڊراڻي، نصيب الله ڪنڊراڻي ۽ ھدايت الله ڪنڊراڻي زخمي ٿي پيا، پوليس پھچي فائرنگ بند ڪرائي مقتول ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، مقتول جو والد بار بار نوجوان پٽ جو لاش ڏسي بيھوش ٿيندو رھيو، واقعي بعد ڪنڊراڻي برادري جو چيف مقدم آفتاب ڪنڊراڻي برادري جي ماڻهن سميت اسپتال پهتو، ھوڏانھن جوابدار ڌر واقعي بعد پنھنجا گھر خالي ڪري بلوچستان فرار ٿي ويا آھن، ڳڙھي حسن پوليس موجب ڪنڊراڻي برادري جي رحمت الله ۽ شربت ڪنڊراڻي جي ٻن ڌرين ۾ رستي جي معاملي تان جھيڙو ٿيو لٺيون لڳڻ سبب عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿيا ٻنھي ڌرين جا زخمي واپس پنھنجن گھرن ڏانھن وڃي رھيا ھئا ته شربت ڪنڊراڻي جي ڌر ٻيھر ھٿيارن سان فائرنگ ڪري رحمت الله ڪنڊراڻي جي ڌر جي عنايت الله ڪنڊراڻي کي قتل ڪري 3 ڄڻن کي زخمي ڪيو، جوابدار ڌر بلوچستان فرار ٿي وئي آھي ڪيس داخل ڪري جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو