| ڳڙهي حسن ويجھو پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ نوجوان قتل، پيءُ زخمي |
ڳڙھي حسن(ن پ ا) ڳڙھي حسن لڳ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، سندس پيءُ زخمي، سنڌ-بلوچستان جي سرحدي دنگ بلوچستان جي علائقي دمپ گھير وٽ موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان شبير احمد نندواڻي کي قتل ڪري ڇڏيو،فائرنگ ۾ نوجوان جو پيءُ مقدم بلند خان نندواڻي زخمي ٿي پيو، واقعي بعد ھٿياربند فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، پوليس موجب مقدم بلند خان نندواڻي پٽ شبير احمد ننڍواڻي سان پنھور سنھڙي کان موٽرسائيڪل تي ڳوٺ وڃي رھيو ھو ته موٽرسائيڪل سوار ھٿياربند فائرنگ ڪري مقدم بلند خان ننڍواڻي کي زخمي ڪري پٽ کي قتل ڪيو آھي، شروعاتي جاچ موجب واقعو برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار تان پيش آيو آھي. وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.