| ڳڙهي حسن ويجھو ڪارنهن تڪرار تان جھيڙو، مهمان پيرسن قتل: 3ڄڻا زخمي |
ڳڙھي حسن (رپورٽ: رمضان کوسو) ڳڙھي حسن لڳ کوسا ۽ ٽانوري برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنھن تڪرار تان جھيڙو، لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب مھمان پيرسن قتل، عورتن سميت 3ڄڻا زخمي، ڳوٺ حمزو کوسو ۾ کوسا ۽ ٽانوري برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنھن تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران لٺيون، سروٽا ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب مھمان ٿي آيل ڳوٺ شفقت جکراڻي جو رھواسي پيرسن محمد عالم ٽانوري مارجي ويو، مسمات حسينا ٽانوري،آچر ٽانوري ۽ رياض ٽانوري زخمي ٿي پيا، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، مقتول جي پٽ محمد ھاشم ٽانوري چيو ته مخالفن گهر تي حملو ڪري ڪھاڙيون ھڻي منھنجي والد پيرسن کي قتل ڪيو، ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.آر ڊي 52 ٿاڻي جي پوليس موجب خدا بخش کوسو ۽ محمد نواز ٽانوري جي ڌرين ۾ ڪارنھن معاملي تان جھيڙو ٿيو آھي، مھمان ٿي آيل پيرسن مارجي ويو، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا.