ڳڙهي حسن ويجھو گهر کي باهه، ٻارڙو سڙي فوت، پٽ بچائڻ جي ڪوشش ڪندي ماءُ زخمي 

 ڳڙهي حسن ويجھو گهر کي باهه، ٻارڙو سڙي فوت، پٽ بچائڻ جي ڪوشش ڪندي ماءُ زخمي 

ڳڙھي حسن(ن پ ا) ڳوٺ ميرمحمد بنگلاڻي ۾ ماني پچائڻ دوران پورھيت علي گل بنگلاڻي جي گھر کي باھ لڳي وئي، کٽ تي پيل معصوم 6 ورھين جو عبدالقادر پٽ علي گل بنگلاڻي موقعي تي ئي سڙي فوت ٿي ويو، معصوم پٽ کي باھ کان بچائيندي 25 ورھين جي فاطمه بنگلاڻي سڙي سخت زخمي ٿي پئي، پاڙيسرين ۽ ڳوٺاڻن باھ وسائڻ جي ڪوشش ڪئي، زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڊاڪٽرن موجب فاطمه بنگلاڻي کي ڳڻتي جوڳي حالت هجڻ ڪري سکر ريفر ڪيو ويو آهي، ٻي طرف گهر ۾ پيل 20 مڻ ڪڻڪ،کٽون، بسترا، ٿانو ۽ ٻيو سامان سڙي ويو، جڏهن ته فائر برگيڊ گاڏي نه پهچي سگهي، متاثر گھر ڌڻي علي گل بنگلاڻي چيو ته گهر ۾ رڌ پچاءُ دوران چڻنگ اٿڻ سبب گهر کي باهه لڳي وئي، منهن جو 6ورهين جو پٽ عبدالقادر بنگلاڻي سڙي فور ٿي ويو آهي.