ڳڙهي حسن ۽ جروار ۾ ارڙيءَ وگهي 2 معصوم ٻارڙا فوت

ڳڙهي حسن ۽ جروار ۾ ارڙيءَ وگهي 2 معصوم ٻارڙا فوت

ڳڙھي حسن/جروار (نمائندن وٽان) ڳڙهي حسن ۽ جروار ۾ ارڙيءَ وگهي 2 معصوم ٻارڙا فوت، ڳڙھي حسن جي سرڪي پاڙي ۾  ارڙي وگهي ھڪ سال جي معصوم ٻارڙي سميا سرڪي ڌيءُ راشد سرڪي فوت ٿي وئي. ٻي طرف جروار جي ڳوٺ يارمحمد بوزدار ۾ به ارڙي وگهي ٻن ورهين جو بخت پٽ نورمحمد بوزدار فوت ٿي ويو، ياد رهي ته هڪ هفتي اندر جروار ۾ ارڙي وگهي ٽي ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن، جن ۾ ٽن ورهين جي سوناري ڌيءُ سوڍو بوزدار، ٻن ورهين جو سلامت پٽ فياض بوزدار شامل آهن. علائقي واسين جو چوڻ هو ته ڪيترائي ٻارڙا بيمار آهن، سهولتون ناهن، هنن مطالبو ڪيو ته بيمار ٻارن جو علاج ڪرايو وڃي.