| ڳڙهي حسن ۾ ڀتي لاءِ پيٽرول پمپ تي حملو: فائرنگ |
ڳڙھي حسن (ن پ ا) ڳڙھي حسن لڳ ڀتي خورن پاران ڀتي جي وصولي لاءِ فائرنگ ڪري پيٽرول پمپ جي يونٽ کي گوليون ھڻي فرار ٿي ويا ، خوف حراس ، خبر موجب فاروق احمد کوسو پيٽرول پمپ تي ڀتي جي وصولي لاءِ ڀتي خورن فائرنگ ڪئي، چوڪيدار جي جوابي فائرنگ بعد ڀتي خور فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، اطلاع تي ڪريم بخش کوسو ٿاڻي جي پوليس پھچي معلومات وٺي واپس رواني ٿي وئي پوليس موجب بروھي ذات جي ھٿياربندن فاروق احمد کوسو پيٽرول پمپ تي ڀتي جي وصولي لاءِ حملو ڪيو، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.