| ڳڙهي خيرو ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ سندس سئوٽ نوجوان گوليون هڻي قتل |
ڳڙهي خيرو (ن پ ا) ڳڙهي خيرو ڀرسان ڪارنھن الزام ھيٺ ناري ۽ نوجوان قتل، ميرانپور ٿاڻي جي حد گھر پنھنجا ۾ جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان الله بخش بٿياڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، نوجوان کي قتل ڪرڻ بعد ڳڙهي خيرو ٿاڻي جي حد ڳوٺ جاڙا واھ ڀرسان جوابدار پنھنجي زال درخاتون کي به فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، مقتول نوجوان جي ماءُ مومل خاتون ٻڌايو ته مقتولا ناري ۽ نوجوان پاڻ ۾ سئوٽ آھن، جوابدار ناحق ٻنھي کي قتل ڪري ڪارنھن جو الزم ڏنو آهي. فائرنگ ۾ مارجي ويل ناري 5 ڏينهن اڳ معصوم ٻار کي جنم ڏنو ھو.