| ڳڙهي خيرو ۾ شاهه لطيف ڪلب ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ کٽي ورتو |
ڳڙهي خيرو (ن پ ا) گڙهي خيرو ۾ پهريون شاهه لطيف سپر 8 هارڊ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل شاھ لطيف ڪرڪيٽ ڪلب ڳڙهي خيرو پنھنجي نالي ڪري ورتو. فائنل شاھ لطيف ڪرڪيٽ ڪلب ۽ لعل قلندر ڪرڪيٽ ڪلب شهدادڪوٽ وچ ۾ کيڏيو ويو. ٽاس کٽي لعل قلندر ڪرڪيٽ ڪلب پھرين بيٽنگ ڪندي 18 اوورن ۾ 168 رنسون ٺاهيون محسن شاهه 45 ۽ مير 40 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. شاهه لطيف ٽيم طرفان هادي بخش ۽ محمد ڪريم 3، 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. 169 رنسن جو هدف شاهه لطيف ڪرڪيٽ ڪلب 15 هين اوور ۾ صرف ٽي وڪيٽن جي نقصان سان پورو ڪري ورتو. اوپنرز حسن علي 72 جڏهن ته اويس رضا 47 رنسون ٺاهيون. زاهد علي 2 وڪيٽون حاصل ڪيون. فائنل ميچ جا خاص مهمان اڳوڻو ٽي اي او ايجوڪيشن محمد ايوب بروهي ۽ محمد اقبال سومرو هئا، جن ونر ۽ رنر اپ ٽيمن کي ٽرافي ۽ ٻيا انعام ڏنا.