| ڳڙهي خيرو ۾ مدرسي اندر نينگر سان ڏاڍائي جي ڪوشش: استاد تي الزام |
ڳڙهي خيرو (ن پ ا) ڳڙهي خيرو ۾ مدرسي اندر ديني تعليم حاصل ڪندڙ 12 ورھين جي طالب شعبان ڊرگھ طرفان استاد غلام شبير جمالي مٿان ڏاڍائي جي ڪوشش جو الزام ، متاثر نينگر والد ۽ ڏاڏي سان گڏجي ٿاڻي پھتو ، پوليس اين سي داخل ڪري نينگر کي ميڊيڪل چيڪ لاءِ اسپتال موڪلي ڇڏيو . متاثر نينگر ٿاڻي تي روئندي دانھيو ته استاد اڳ ۾ ٻه ڀيرا زيادتي ڪئي ، عزت جي خوف سبب چپ رھيس پر اڄ وري ھن ٽيون ڀيرو بہ زيادتي جي ڪوشش ڪئي جنھن تي مزاحمت ڪندي والد کي دانھن ڏني . استاد خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي