ڳڙهي خيرو ۾ هندو واپارين کي ڀتي لاءِ ڌمڪين خلاف ٻئي ڏينهن به شٽربند هڙتال

ڳڙهي خيرو ۾ هندو واپارين کي ڀتي لاءِ ڌمڪين خلاف ٻئي ڏينهن به شٽربند هڙتال

ڳڙهي خيرو ( ن پ ا ) ڳڙهي خيرو ۾ ھندو واپارين کي مبينا ڀتي لاءِ ملندڙ ڌمڪين خلاف ٻئي ڏينهن مڪمل شٽربند ھڙتال ڪئي وئي، شهرين طرفان پنج گلي چوڪ تي احتجاجي ڪيمپ قائم ڪئي وئي آهي،  ڪئمپ تي ايم اين اي اعجاز جکراڻي ، ايم پي اي ڳڙهي خيرو مير ممتاز حسين جکراڻي ، ضلعي ڪائونسل چيئرمين طاھر خان کوسو ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد سميت ڳڙهي خيرو احتجاجي ڪيمپ تي پھچي واپارين سان گڏجاڻي ڪئي. اعجاز حسين جکراڻي طرفان ھندو برادري جي ماڻهن کي يقين ڏياريو ته ھڪ ھفتي اندر ڀتي لاءِ ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪرايو ويندو، خاطري بعد ھندو واپارين طرفان احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، اعجاز حسين جکراڻي چيو ته اقليتي برادري جو خاص خيال رکيو آهي، انھن کي ڪڏھن به ڀتا خورن جي رحم ڪرم تي نه ڇڏيو ويندو، ڏوهاري جي ڪابه ذات ناهي هوندو ڪهڙي به ذات جو هجي سندس خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.