| ڳڙهي خيرو ۾ واپارين کي ڀتي لاءِ ڌمڪيون ملڻ خلاف هڙتال: ڌرڻو: ايم پي اي پاران بيوسي جو اظهار |
ڳڙهي خيرو (ن پ ا) ڳڙهي خيرو ۾ اقليتي برادري جي واپارين سيٺ پپو مل ۽ ٻين کي ڀتي جي لاءِ ملندڙ ڌمڪين خلاف شھر ۾ مڪمل ھڙتال ڪري شھر جا سمورا ڪاروباري مرڪز بند ڪيا ويا، سياسي سماجي اڳواڻن پاران پنج گلي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، اڳواڻن امر سنڌي، غلام حسين جعفري، محمد نواز عمراڻي ۽ ٻين چيو ته شھري گھرن ۾ محفوظ ناھن، واپارين کي ڀتي لاءِ فون ڪري ڌمڪايو پيو وڃي نه ڏيڻ جي صورت ۾ پيٽرول پمپن تي حملا ۽ ڪاروبار بند ڪرڻ لاءِ ڌمڪايو پيو وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي، جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري علائقي ۾ امن امان قائم ڪرايو وڃي، ٻئي پاسي پ پ پ ايم پي اي ممتاز حسين جکراڻي ڌرڻي واري ھنڌ پھچي واپارين سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ممتاز حسين جکراڻي چيو ته ايس ايس پي کي خبر ناھي ڪنھن روڪيو آهي، جنھن ڪري ھو امن قائم نٿو ڪرائي سگھي، واپارين کي ڀتي لاءِ ڌمڪيون ملن ٿيون پر ايس ايس پي جيڪب آباد ڪو قدم نٿو کڻي. ھن چيو ته آئون ڇاٿو ڪري سگھان وڌ ۾ وڌ اسيمبلي م آواز اٿاري سگھان ٿو.