ڳڙهي خيري مان گم نوجوانن کي 40 ڏينهن گذري ويا

ڳڙهي خيري مان گم نوجوانن کي 40 ڏينهن گذري ويا

ڳڙهي خيرو (ن پ ا) ڳڙهي خيرو واسي ٽن نوجوانن جي جبري گمشدگي کي 40 ڏينهن گذري ويا ، والدين سندن واپسي جي اوسيئڙي ۾ روئي روئي بيحال ٿي ويا آهن. سيد عباس شاھ ، عبدالقدير عمراڻي ۽ فرمان بروھي کي 40 ڏينهن اڳ مبينا طور کنڀي گم ڪيو ويو . عبدالقدير عمراڻي کي حيدرآباد ڪاليج مان واپس ھاسٽل ويندي کنڀيو ويو جڏھن تہ عباس شاھ ۽ فرمان بروھي کي لاڙڪاڻي ٽراما سينٽر مان کنڀي گم ڪيو ويو. 40 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود نوجوانن جو ڪو ڏس پتو نہ ملي سگھيو آھي جنھن ڪري سندن والدين روئي وئي بيحال ٿي پيا آهن. انھن مطالبو ڪيو آهي تہ اگر نوجوانن مٿان ڪو الزام آھي تہ کين ظاھر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.