ڳڙهي خيري ۾ هندو برادري کان مبينا ڀتاخوري: احتجاج، ڪاروبار بند

ڳڙهي خيري ۾ هندو برادري کان مبينا ڀتاخوري: احتجاج، ڪاروبار بند

ڳڙهي خيرو (ن پ ا) ڳڙهي خيرو ۾ ھندو برادري کي ڀتي جون پرچيون ملڻ خلاف ھندو برادري احتجاج طور پنھنجا سمورا دڪان بند ڪري تالا لڳائي ڇڏيا. ڪجھ ڏينهن پھريان ھٿياربندن پاران سيٺ پپو مل جي پيٽرول پمپ تي فائرنگ ڪري يونٽن کي باھ ڏئي ساڙيو ھو ان کان پوءِ ھندو برادري جي ڪجھ ماڻھن کي ڪروڙين روپيه ڀتو ڏيڻ لاءِ پرچيون ۽ فون ڪال آيون جنھن بعد انھن پنھنجو سمورو ڪاروبار اڻ ڄاتل مدي تائين بند ڪري ڇڏيو آھي جڏھن ته ھندو پنچائت جو صدر ڊاڪٽر رميش لعل پڻ ڪلينڪ تان ڦر ۽ فائرنگ واري واقعي بعد ھڪ مھينو اڳ شھر مان لڏ پلاڻ ڪري ويو آھي جڏھن ته ھندو برادري جا ڪيترائي خاندان پھريائين لڏپلاڻ ڪري وڃي چڪا آھن باقي رھيل خاندانن طرفان به شھر ڇڏڻ جون تياريون ڪيون ويون آهن. ٻئي پاسي ڳڙهي خيرو مان چونڊيل ايم پي اي مير ممتاز حسين جکراڻي پنھنجي ھڪ بيان ۾ ھندو برادري کي ملندڙ ڀتي جي پرچين جي سخت مزمت ڪندي چيو آهي ته ڳڙهي خيرو ۾ حادثاتي طور آيل سياستدان بدامني جا ذميوار آھن ھن چيو ته ڳڙهي خيرو ۾ ھڪ اي ايس آئي کي ٻه ٿاڻا ڏنا ويا آھن ته امن امان ڪيئن ٿيندو