| ڳڙهي ياسين اسپتال ۾ بيڊ تي ڪتو ستل: وڊيو وائرل |
ڳڙهي ياسين(ن پ ا) ڳڙھي ياسين جي رورل ھيلٿ سينٽر مان ڊاڪٽرن سميت سمورو عملو غائب، ايمرجنسي وارڊ ۾ڪتو ستو پيو هو، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل، ڳڙھي ياسين جي ڳوٺ ترڪ علي جعفري جو نوجوان جاويد علي جعفري موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب ڪري سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي وارث کڻائي ڳڙھي ياسين رورل ھيلٿ سينٽر آندو ته ڊاڪٽرن سميت سمورو عملو غائب ھجڻ تي زخمي جي وارثن رورل ھيلٿ سينٽر جي وڊيو ڀري جنھن ۾ ايمرجنسي وارڊ ۾ بيڊ تي ڪتو ننڊ پيل هيو، جيڪا وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جڏھن ته زخمي نوجوان کي شڪارپور اسپتال منتقل ڪيو ويو،ان حوالي سان رورل ھيلٿ سينٽر جي ايم ايس ڊاڪٽر تصور علي ميمڻ جو چوڻ هو ته وائرل ٿيل وڊيو جي جاچ ڪئي ويندي، ھن چيو ته اسپتال ۾ ڊاڪٽر ۽ عملي جي تمام وڏي کوٽ آھي، جنھن لاءِ ڪيترائي ڀيرا لکت ۾ ڊي ايچ او شڪارپور ۽ اعليٰ اختيارين کي لکيو آھي پر ڪو به تدارنه ٿيو آهي، ٻئي طرف ڊي ايچ او شڪارپور ڊاڪٽر نادر حسين پنھور ٻڌايو ته ڳڙھي ياسين رورل ھيلٿ سينٽر ۾ پيش ايندڙ واقعي جي شفاف انڪوائري ڪئي ويندي، ملوث عملي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ھن چيو ته اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي جا ڪا کوٽ ناھي، ڊيوٽي نه ڪندڙ ڊاڪٽرن جون پگھارون بند ڪيون ويون آھن.