ڳڙهي ياسين: مهر-مارفاڻي تڪرار تان قتل 5 ڄڻن جي هٿيارن جي ڇانو ۾ تدفين: ڌريون مورچابند
اپريل 25, 2025
ڳڙھي ياسين(ن پ ا) ڳڙھي ياسين ڀرسان مھر ۽ مارفاڻي برادري جي ٻن ڌرين نبي داد مھر ۽ ھاشم مارفاڻي ۾ ٿيل جھيڙي ۾ مارجي ويل مارفاڻي ڌر جي 3 سڳن ڀائرن ھاشم مارفاڻي، لالو مارفاڻي بابل مارفاڻي ۽ منٺار مارفاڻي جا مڙھ ھٿياربندن جي پھري ھيٺ جاڳڻ ڀرسان پير شاھ جليل ۾ پهچايا ويا جتي تدفين ڪئي وئي، جڏھن ته مھر ڌر جي مارجي ويل صدام مھر جي پيرنھال شاھ ۾ تدفين ڪئي وئي، ٻئي طرف ڪرن شريف ۽ آغا فارم ٿاڻن ۾ حد بندي جي تڪرار سبب ٻنھي ڏرين جي مارجي ويل 5 ڄڻن جا ڪيس داخل نه ٿي سگھيا آھن، ھوڏانھن ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون آھن ڪنھن وقت به وڌيڪ رتوڇاڻ ٿين انديشو آھي، ٻنھي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿيڻ سبب ڳڙھي ياسين شھر ۾ مھر برادري پنھنجو سمورو ڪاروبار بند ٻئي ڏينھن بند ڪري ڇڏيو، جڏھن ته مھر ۽ مارفاڻي برادري جا ماڻھون پنھنجن ڳوٺن ۽ گھرن تائين محدود ٿي ويا،ان حوالي سان ڊي ايس پي ڳڙھي ياسين ظھور احمد سومرو ٻڌايو ته ڪرن شريف ۽ آغا فارم ٿاڻن ۾ ھلندڙ حد بندي تڪرار ختم ٿي ويو آھي، ٻنھي ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي ۽ تپيدار کي واقعي واري ھنڌ گھرائي ڪليئر ڪيو ويو آھي ته وقعو ڪرن شريف ٿاڻي جي حد ۾ ٿيو آھي، ٻئي ڌريون ڪرن شريف ٿاڻي تي پنھنجا ڪيس داخل ڪرائي سگھن ٿيون.