ڳڙهي ياسين ويجھو بروهي_جتوئي تڪرار تان فائرنگ: وڪيل ماسات سميت قتل

ڳڙهي ياسين ويجھو بروهي_جتوئي تڪرار تان فائرنگ: وڪيل ماسات سميت قتل

ڳڙھي ياسين(رپورٽ: حزب الله پيرزادو) ڳڙھي  ياسين ڀرسان  بروھي ۽ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار تان ھٿياربندن ڪار تي فائرنگ ڪري وڪيل ۽ سندس ماسات کي قتل ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ ڳڙھي ياسين ٿاڻي جي حد ڳوٺ نوشھرو ابڙو لڳ بروھي ۽ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين سڄڻ جتوئي ۽  وڪيل علي حسن بروھي ۾ ھلندڙ زميني تڪرار تان ڪالهه واقعو پيش آيو، جتي موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن نوشھرو ابڙو لنڪ روڊ سئي گيئس وٽ  ڪار مٿان ڇتي فائرنگ ڪري ڏني، جنھن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب جيھڙي جو مک وڪيل علي حسن بروھي ۽ سندس  ماسات نظير بروھي سخت زخمي ٿي ويا جڏھن ته  سندس جو ڀائيٽو سڪندر بروھي معجزاڻه طور محفوظ رھيو جڏھن ته ھٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا  اطلاع تي بروھي برادي جا ھٿياربند ۽ ڳڙھي ياسين پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي زخمين کي ڳڙھي ياسين اسپتال آندو جتي ڊاڪٽر نه ھئڻ ڪري زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾  شڪارپور اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته ٻنھي ڄڻن رستي ۾  دم ڏئي ڇڏيو ٻنھي ڄڻن جا لاش ڳڙھي ياسين آنده ويا جتان  ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا ٻئي طرف ايس ايڇ او ڳڙھي ياسين جي اڳواڻي ۾ اي پي سي چين ۽ وڏن پوليس اٽالن سان  جتوئي برادري جي ڳوٺ تي چڙھائي ڪئي پر جوابدار اڳ ئي گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا پوليس ڳوٺ مان جتوئي برادري جي 6 عورتن کي گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آھي.
 

  ڌرين ۾ ڪجهه وقت اڳ فصل جي ڀيل تان تڪرار شروع ٿيو، 4 ڄڻا مارجي چڪا

ڳڙھي ياسين: ٻنھي ڌرين ۾  ڪجھ وقت /ڏسو صفحو 5 بقايا 46

ڳڙھي ياسين: ٻنھي ڌرين ۾  ڪجھ وقت اڳ فصل جي ڀيل تان تڪرار شروع ٿيو، جيڪو وڌي زميني تڪرار ۾بدلجي ويو. ٻنھي ڌرين جي جھيڙي ۾  جتوئي ڌر جو ھڪ ڄڻو ۽ وڪيل علي حسن بروھي جو ھاري ناريجا برادري جي نوجوان ۽ سميت 4 ڄڻا گولين جي بک بڻجي چڪا آھن .  مارجي ويل وڪيل جي ڀاء محبوب بروھي ٻڌايو ته سڄڻ جتوئي وارن سان زمين جي معاملي تان تڪرار ھلندڙ آھي منھنجو ڀاء پنھنجي ماسات سان گڏ شڪارپور ڪورٽ کان واپس ڳوٺ اچي رھيو ھو ته جتوئي ھٿياربندن ڪار تي حملو ڪري منھنجي ڀاء ۽ ماسات کي قتل ڪيو آھي .  واقعي  وقت ڪار ۾ موجود معجزاڻه طور بچي ويل مقتول وڪيل علي حسن بروھي جي ڀائٽي سڪندر بروھي ٻڌايو ته اسان شڪارپور  ڪورٽ کان ڪار تي واپس پنھنجي ڳوٺ نوشھرو ابڙو وڃي رھيا ھئاسين ته  رستي سئي گيس وٽ جتوئي ھٿيار بند بيٺل ھئا جن اسان جي ڪار کي ڏسندي ئي  فائرنگ ڪري ڏني جنھن دوران منھنجو چاچو وڪيل علي حسن بروھي ۽ نظير بروھي کي گوليون لڳيون بعد ۾ جتوئي ھٿياربند موٽرسائيڪل تي چڙھي فرار ٿي ويا . ڳڙھي ياسين : رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ ٻڌايو ته واقعي پراڻي دشمني تان پيش آيو آھي جتوئي ۽ بروھي ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان جھيڙو  ھلندڙ آھي. ٻنھي ڌرين جا اڳ به ٻه ڄڻا مارجي ويا آھن. واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاء پوليس چڙھائي ڪئي وئي آھي  جلد گرفتار ڪيا ويندا.
 

شڪارپور: شڪارپور ۾ ڳڙهي ياسين بار جي اڳوڻي صدر ايڊووڪيٽ علي حسن بروهي ۽ سندس ويجهي عزيز جي قتل خلاف ضلعي بار ايسوسيئيشن شڪارپور پاران احتجاج يا بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي ضلعي بار ايسوسيئيشن شڪارپور جي هنگامي جنرل باڊي جي ميٽنگ صدر گدا  حسين بلوچ جي سڏ تي ٿي، جنهن ۾  وڪيل جي سندس ويجھي  عزيز جي بي رحماڻي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي، گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته شڪارپور ضلعي جي سمورين عدالتن جو اڄ بائيڪاٽ ڪيو ويندو، جڏهن ته بار ايسوسيئيشن ضلعي ۾ مڪمل هڙتال جو اعلان پڻ ڪيو ويو، بار جي اڳواڻن ايس ايس پي شڪارپور ۽ ڊي آءِ جي پي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو آهي ته صقت شفاف جاچ ڪري ملوث سڀني جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.