| ڳڙهي ياسين ۾ تڪرار نه نبريا، ڌنار نوجوان سميت 2 ڄڻا قتل |
ڳڙھي ياسين / شڪارپور (نمائندن وٽان) ڳڙھي ياسين ۾ مختلف واقعن ۾ ھڪ ڏينھن 2 ڄڻا قتل ٿي ويا، ڳوٺ باقر شاھ ۾ ھٿياربندن ڳوٺ ٻاھران زمين ۾ ٻڪريون چاريندڙ ڌنار نوجوان نادر علي مارفاڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي ڳوٺاڻن واقعي واري ھنڌ پھچي مارجي ويل نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، ان موقعي تي وارثن جو چوڻ آھي ته مارجي ويل نوجوان نادر علي مارفاڻي جي پيءُ رحم علي مارفاڻي ڪجھ سال اڳ پنھنجي ئي برادري جي عورت سان پرڻو ڪيو ھو جنھن جو راڄوڻي فيصلو به ٿي چڪو پر ان باوجود به نوجوان کي قتل ڪيو ويو آھي، ٻئي طرف ڪرن شريف ٿاڻي جي حد ۾ بروھي برادري جي ٻن ڌرين گلشير بروھي ۽ جھانگير بروھي ۾ ھلندڙ پراڻي تڪرار تان هڪ ڌر جي ھٿياربندن ڳوٺ بيد کمڻ لنڪ روڊ تي موٽرسائيڪل سوار مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنھن جي نتيجي ۾ ڳڙھي ياسين واسي ڳوٺ قادر بخش بروھي جو نوجوان بلاول بروھي ٿڏي تي مارجي ويو، جڏھن ته ھٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا.