| ڳڙهي ياسين ۾ شهباز دراني ۽ ذوالفقار ڪماريو جو نامزدگي فارم بحال |
ڳڙهي ياسين(ن پ ا) ڳڙھي ياسين جي تڪ پي ايس 9 تي ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺندڙ آغا سراج دراني جي فرزند پ پ اميدوار آغا شھباز خان دراني جو نامزدگي فارم رٽرننگ آفيسر انور حسين خاصخيلي پاران ڇنڊ ڇاڻ بعد بحال ڪيو ويو آهي، جڏھن ته آغا سراج دراني جي ڀاءُ آغا مسيح الدين دراني پٽ آغا محمد خان دراني، آغا مصطفيٰ خان دراني ۽ حمزه خان دراني جا نامزدگي فارم بحال ٿي ويا آھن، ٻئي طرف پي ايس 9 تي آزاد اميدوارن طور نامزدگي فارم جمع ڪرائيندڙ پ پ اڳواڻ ضلعي ڪائونسل شڪارپور جي چيئرمين سردار ذوالفقار خان ڪماريو جو به نامزدگي فارم اسڪورٽني بعد بحال ٿي ويو آھي، جڏھن ته سندس جي فرزند پ پ اميدوار بشارت خان ڪماريو جو نامزدگي فارم اسڪروٽني بعد پڻ بحال ٿي ويو آھي، ٻين مختلف پارٽين جي اميدوارن جي نامزدگي فارمن جي ڇنڊ ڇاڻ جو عمل ھلندڙ آھي، ان موقعي تي پ پ اڳواڻ ذوالفقار ڪماريو چيو ته دراني خاندان اسان جا ڀائر آھن ٽڪيٽ جو فيصلو پارٽي قيادت کي ڪندي.