ڳڙهي ياسين ۾ مهر معرفاڻي تڪرار تان فائرنگ، پوليس اهلڪار شهيد، ڳوٺاڻو به قتل

آگسٽ 20, 2023

ڳڙهي ياسين (رپورٽر) ڳڙھي ياسين  ۾ مهر-معرفاڻي  تڪرار تان هٿياربندن جي هوٽل تي فائرنگ، اهلڪار سميت ٻه ڄڻا مارجي ويا

هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هوٽل تي چانهه پيئندڙ پوليس پوليس اهلڪار داد محمد جعفري شهيد ٿي ويو،  فائرنگ ۾ ڳوٺاڻو بابل معرفاڻي به مارجي ويو

فائرنگ اھلڪار لکمير جعفري، فريد معرفاڻي ۽ عبدالستار بروھي  زخمي ٿي پيا جن کي  اسپتال منتقل ڪيو ويو

ذريعن موجب مهر ۽ معرفاڻي ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان واقعو پيش آيو آهي، ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين جو چوڻ آهي ته  مهر ڌر جي هٿياربندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي

Leave A Comment