ڳڙهي ياسين ۾ ننڍي چونڊ: سراج دراني جو پٽ پ پ اميدوار شهباز ڪامياب: ڌانڌلي الزام

  ڳڙهي ياسين ۾ ننڍي چونڊ: سراج دراني جو پٽ پ پ اميدوار شهباز ڪامياب: ڌانڌلي الزام

شڪارپور/ڳڙھي ياسين/ڊکڻ/مدئجي(نمائندن وٽان) ڳڙهي ياسين جي صوبائي تڪ پي ايس 9 تي غيرسرڪاري ۽ غيرحتمي نتيجن موجب پ پ اميدوار شهباز دراني اڪثريت سان ڪامياب، جي يو آءِ اميدوار کي شڪست،  غير سرڪاري نتيجن موجب پيپلز پارٽي اميدوار آغا شهباز خان دراني 73554 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اميدوار سيد رشدالله امروٽي 9 هزار 412 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اميدوار اسرار احمد ابڙو 1 هزار 404 ووٽ حاصل ڪري ٽئين نمبر تي آيو، اليڪشن ڪميشن موجب تڪ اندر مجموعي طور 178 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون، جن مان 49 مردن، 49 عورتن ۽ 80 گڏيل پولنگ اسٽيشنون شامل هيون، پولنگ جي عمل لاءِ ڪل 638 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا، جن مان 328 مردن ۽ 310 عورتن لاءِ مخصوص هئا، تڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو مجموعي انگ 2 لک 77 هزار 792 هو،، جنهن ۾ 1 لک 48 هزار 310 مرد ۽ 1 لک 29 هزار 482 عورت ووٽر شامل هئا، پولنگ صبح 8 کان شام 5 تائين جاري رهي، امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ 3000 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار ۽ 200 ريزرو فورس جي جوانن کي اليڪشن ڊيوٽي تي مقرر ڪيو ويو هو پولنگ دوران ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي جي رپورٽ سامهون نه آئي.جڏهن ته عوامي رش نه ھجڻ ڪري شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ووٽ گهٽ ۾ گهٽ ڪاسٽ ٿيو،غيرسرڪاري ۽ غيرحتمي نتيجن موجب  پي ايس 9 جي يوسي ترائي جي پولنگ اسٽيشن ڇانگو راهوجا تي پ پ اميدوار آغا شهباز خان دراني 557 ووٽ حاصل ڪيا، ٽي ايل پي اميدوار اسرار احمد ابڙو 11 ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته جي يو آءِ جي اميدوار سيد رشد الله امروٽي 8 ووٽ حاصل ڪيا، ڏاڪڙاهي جيها جي پولنگ اسٽيشن جا غير سرڪاري نتيجن موجب پ پ اميدوار آغا شهباز خان دراني 732 ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته جي يو آئي اميدوار سيد رشد الله امروٽي 12 ووٽ حاصل ڪيا، يوسي مرزاپور جي ڊگھپور تي پيپلزپارٽي جي اميدوار آغا شهباز خان دراني کي 350 ووٽ کنيا، جي يو  آءِ اميدوار رشدالله شاھ امروٽي 42 ووٽ کنيا آھن،دڙي جاکري جي پولنگ اسٽيشن تي پ پ 336 ۽ جي يو آءِ   172 ووٽ کنيا آھن،مدئجي جي گرلس پرائمري اسڪول ۾ پ پ 208 جي يو آءِ 12 ووٽ کنيا آھن،مدئجي جي گورنميٽ هاءِ اسڪول جي پولنگ ۾ پ پ پ 371 جي يو آءِ  16 ووٽ کنيا آھن ،يونين ڪائونسل جندوديرو پولنگ اسٽيشن سھتا پ پ پ 821, ووٽ ۽ جي يو آئي 147, ووٽ کنيا  پولنگ اسٽيشن محمد صلاح ٻرڙو پ پ پ 817, ووٽ جي يو آئي جو رزلٽ ملي نه سگهيو، پولنگ اسٽيشن فقير شير محمد مڱريو ۾ پيپلزپارٽي 158, ووٽ ٽي ايل پي 42, ووٽ ۽ جي يو آئي صرف 8,ووٽ کنيا،پولنگ اسٽيشن ڳوٺ فيضائي ڪلھوڙا پ پ پ 157, جي يو آئي 53, ووٽ کنيا،پولنگ اسٽيشن پنھور ڀٽا پ پ پ 140, ووٽ جي يو آئي صرف 13, ووٽ کنيا.
 

چونڊن ۾ ڪٿي به ڌانڌلي ناهي ٿي: پ پ اميدوار شهباز دراني

شڪارپور/ڳڙهي ياسين: پي ايس 9 ڳڙهي ياسين تي پ پ اميدوار شهباز خان دراني ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته صبح جو ٿڌ سبب ووٽرن جو تعداد گهٽ رهيو پر ڏينهن جي گذرڻ سان پولنگ اسٽيشنن تي ووٽرن جو اچڻ وڌي ويو ھو آغا شهباز دراني چيو ته مخالف اميدوار پنهنجن ووٽرن تي ڌيان ڏين ھا ۽ باقي هارائڻ وارا ھونئن به غير بنيادي الزام لڳايا وڃن ٿا ته ڌانڌلي ٿي آھي.هن واضح ڪيو ته ڪٿي به ڌانڌلي ناهي ٿي ۽ اليڪشن شفاف طريقي سان ٿي آھي ھن چيو ته چونڊ عمل مڪمل شفافيت ۽ ضابطا جي مطابق هليو ھو ۽ ووٽرن کي پنهنجو حق استعمال ڪرڻ ۾ ڪنهن به رڪاوٽ جو منهن نه ڏيڻو پيو