| ڳڙهي ياسين ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان قتل، هڪ ڄڻو زخمي |
ڳڙھي ياسين (ن پ ا) ڳڙھي ياسين ٿاڻي جي حد ۾ مھر ۽ دائوداڻي-مارفاڻي برادري جي ٻن ڌرين نبي داد مھر ۽ ممتاز دائوداڻي مارفاڻي ۾ ھلندڙ پراڻي خوني تڪرار تان موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ڳڙھي ياسين کان ڳوٺ ويندڙن مٿان کيرٿر ڪئنال سپي وٽ انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب زاهد عرف سائٿو دائوداڻي مارفاڻي ٿڏي تي مارجي ويو، جڏھن ته هڪ ڄڻو سڌير بروهي سخت زخمي ٿي پيو،جڏھن ھٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، اطلاع ملڻ تي ڳڙھي ياسين پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مارجي ويل ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻنھي ڌرين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار ۾ دائوداڻي مارفاڻي ڌر جا 5 ڄڻا، جڏھن ته مھر ڌر جا3 ڄڻا گولين جي بک بڻجي چڪا آھن.