| ڳڙهي ياسين: 2 ڏينهن اڳ قتل ڪيل ٻن ڄڻن جو قتل ڪيس 9 خلاف داخل |
ڳڙھي ياسين(ن پ ا) 2 ڏينھن اڳ ڳڙھي ياسين ٿاڻي جي حد نوشھرو ابڙو لنڪ روڊ تي سئي گيئس وٽ جتوئي ھٿياربندن ھٿان مارجي ويل وڪيل علي حسن بروھي ۽ سندس ماسات نظير بروھي جو قتل ڪيس ڀاءُ وڪيل محبوب بروھي جي فرياد ڳڙھي ياسين ٿاڻي تي سڄڻ جتوئي، الله وڌايو جتوئي ۽ سچل جتوئي سميت ٻن سڃاتل ۽ 4 اڻسڃاتل جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو، اي ٽي سي واري داخل ٿيل ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آھي ته جتوئي ڌر جا ماڻھو منھنجي ڀاءُ وڪيل علي حسن بروھي کان ڀتي جي گھر ڪندا ھئا، منھنجي ڀاءُ کان اڳ به ڀتي جي صورت ۾ 10 لک رپيا ورتا ۽ ٻيھر ڀتي جي گھر ڪئي نه ڏيڻ تي قتل ڪرڻ ۽ زمين تي قبضي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندا رھيا، ان ڏس ۾ ايس ايس پي شڪارپور جي حڪم تي ايس ايڇ او ڳڙھي ياسين وڏن پوليس اٽالن ۽ اي پي سي چين سان وڪيل علي حسن بروھي ۽ نظير بروھي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ نور خان جتوئي تي چڙھائي ڪئي، پر جوابدار اڳ ئي گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا، پوليس جوابدارن جا گھر ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا، رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او ڳڙھي ياسين ممتاز سومرو ٻڌايو ته وڪيل علي حسن بروھي ۽ نظير بروھي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ تي چڙھائي ڪئي پر جوابدار ھٿ نه اچي سگھيا آھن، ايس ايس پي شڪارپور جي حڪم تي ڳوٺ ۾ ڪيمپ قائم ڪئي وئي آھي جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا ،