ھالا ۾نوجوان جو گهر مان لاش ھٿ

جُولاءِ 3, 2025

ھالا(پنهنجي ڊيسڪ)ھالا جي سوڍڙا پاڙي ۾ نوجوان مبينا آپگھات ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو سندس گھر جي ڪمري مان لاش ھٿ، وارثن پاران واقعو راز ۾ رکڻ جي ڪوشش،پوليس پاران آپگھات جي تصديق، سوڍڙا پاڙي ۾ آغا خان ليبارٽي وٽ 35 ورھين جو شادي شدہ نوجوان طارق ولد محمود ڪيريو گھر جي پکي ۾ رسو ٻڌي آپگھات ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، سندس وارثن آپگھاتي واقعو ٻڌائڻ کان لئوائي رھيا ،

پوليس موجب نوجوان آپگھات ڪيو آھي، واقعي جا اصل ڪارڻ معلوم ناھن ٿي سگھيا، جاچ ڪري رھيا آھيون پوليس پاران نوجوان جو گھر مان لاش کڻائي اسپتال آڻڻ لاءِ وارثن کي منٿون،وارثن پاران پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • يوسف رضا گيلاني 9 ڪيسن مان بري

  • مٺياڻي ۾ پسند پرڻي تان هڪ قتل، 2 ڄڻا زخمي

  • ٿر ۾ روهيڙي جي واڍي جاري

  • جهڏو: نينگر سان بدفعلي، گهرو وزير نوٽيس ورتو