ھاڪڙو پراڻ تي پل نه ٺهي، ٽن ڏينهن اندر ٻيو نوجوان ٻڏي فوت، انگ 13 ٿي ويو
مارچ 26, 2025
شادي لارج(رپورٽ: صدام بلوچ) شادي لارج ڀرسان لنگھندڙ ھاڪڙو پراڻ تي پل نه ٺھي سگهي، ھاڪڙو پراڻ وڌيڪ ھڪ نوجوان جي حياتي ڳڙڪائي ورتي، ڳوٺ کاساري واسي نوجوان ساٿي پٽ قاسم لنڊ ھاڪڙو پراڻ جي ڪانڻوي واري لنگهه ۾ پير سلپ ٿيڻ سبب ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو، جنھن بعد ھاڪڙو پراڻ ۾ مختلف وقتن تي ٻڏي فوت ٿيل فوتين جو انگ وڌي 13 ٿي ويو، فوتي نوجوان ساٿي پٽ قاسم لنڊ مزدوري تي وڃي رھيو ھو ته ھاڪڙو پراڻ ۾ ڪانڻوي جي لنگهه وٽان پير سلپ ٿيڻ سبب ٻڏي فوت ٿي ويو نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، وارثن کي بيھوشي دورا پوڻ لڳا واضع رھي ته ٽي ڏينهن اڳ عورت نور خاتون زال اسحاق لنڊ به پير سلپ ٿيڻ سبب ھاڪڙو پراڻ ۾ ٻڏي فوت ٿي ھئي جنھن جو ٽيجھو ھو گذريل 8 مھينن دوران فوت ٿي ويلن ۾ عبدالغفار، علي احمد، مريم زال سوڍو، عبدالرزاق، شعيب پٽ ايوب، زليخان، اويس، دودو پٽ مير محمد، عاصمه، نور خاتون، ساٿي پٽ قاسم لنڊ شامل آھن 13 کان وڌيڪ انساني قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ بعد به لاڳاپيل اختيارين توڙي چونڊيل نمائيندن سميت ھن محل تائين ڄاڻايل معاملي جو ڪنھن به نوٽيس نه ورتو ۽ فقط ھڪ پل به تعمير نه ڪرائي وئي.
پراڻ جي ٻنھي پاسن کان وڏا کڏا ھڻي ناقص مرمتي ڪم ڪيو ويو
شادي لارج: گذريل برساتن دوران پنگريو ڀرسان ايل بي او ڊي سم نالي مان زيرو پوائنٽ وٽان نڪرندڙ ھاڪڙو پراڻ جو ٺيڪيدار پاران مبينا ڪرپشن ڪري پئسا بچائڻ جي چڪر ۾ پراڻ جي ٻنھي سائيڊن کان وڏا کڏا ھڻي ناقص مرمتي ڪم ڪيو ويو، اندران صفائي بدران ٻاھر رھواسين جي سروي زمينن مان مٽي کڻي وڏا کڏا ھنيا ويا ۽ ناقص بند ٻڌا ويا جيڪي وڏا کڏا خوني ثابت ٿيا.
هاڪڙو ايل بي او ڊي سم نالي مان نڪري شڪور ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو
شادي لارج: ھاڪڙو پراڻ زيرو پوائنٽ وٽان ايل بي او ڊي سم نالي مان نڪري ٿو، جيڪو شادي لارج ۽ ڪلوئي تعلقي جي مختلف علائقن مان ٿيندي ٿر جي ڀٽن ۾ داخل ٿي شڪور ڍنڍ وٽان رڻ ۾ پاڻي ڇوڙ ڪري ٿو.