قومن جي جوڙجڪ ڪنھن جادوئي عمل جو نتيجو ڪونھي، نه ئي ھٿرادو ٽڪساٽ سان قومون وجود وٺي سگھن ٿيون. ھي فطرت جي اصولن تي آڌاريل سوين سالن جو ارتقائي عمل آھي، جنھن مان گذري قومون وجود وٺن ٿيون. قومن جي تخليق جي بنيادي شرطن مان ثقافت جو ھئڻ پڻ ھڪ شرط آھي. انھيءَ مقرر ٿيل عالمي اصولن جي پيماني تي سنڌي ھڪ قوم آھن، جن کي پنھنجي شاندار ثقافت تي ھر طرح سان فخر ڪرڻ جڳائي .
ثقافت جي ڏينھن کي ملھائڻ جي شروعات ڪيئن ۽ ڪڏھن ٿي، تنھن کي ھتي ورجائڻ جي ھاڻ ڪا ضرورت ڪانھي، جو ھر سنڌي انھيءَ تھوار جي شروع ٿيڻ جي پس منظر کان چڱي طرح سان واقف آھي. اسان کي انھيءَ ڳالھ تي سرھائي ٿيڻ گھرجي ته ھن ڏينھن تي سمورو سنڌي عوام، سياسي ۽ برادري سڃاڻپ کي ھڪ پاسيرو رکي گڏجي ھٿ ھٿ ۾ ملائي سنڌ جي ازلي ويرين جي اکين ۾ اکيون ملائي اعلان ڪري ٿو ته، ھا مان سنڌي آھيان!! قومن جي بقا جي ويڙھ ۾ جنگي ھٿيارن سان گڏ جوش ۽ جذبي جي اھميت پڻ نظر انداز نٿي ڪري سگھجي. ھن وقت اسان تي اسان جي قومي شناخت کي مسخ ڪرڻ جي نفسياتي جنگ مسلط ٿيل آھي. اھڙي وقت ۾، قوم ۾ ھن نظر ايندڙ جذبي جي گھرائي ۽ پنھنجي ڌرتي ۽ پنھنجي ثقافت سان اڻ ميو عشق ھن وقت قومي اتساھ جو ڪارڻ بڻجي رھيو آھي، جيڪو ساڳئي جوش ۽ جذبي سان اڳتي وڌڻ گھرجي .
خوشي ٿئي ٿي ته ھي قومي تھوار اڄ ملڪي سرحدون اورانگھي عالمي منظر تي پڻ پنھنجي جڳھ والاري رھيو آھي..!! ۽ سنڌ جي قومي شناخت کي عالمي برادري ۾ نشانبر ٿيڻ جو سبب بڻجي رھيو آھي. مڃبو ته اسان ۾ قومي سطح تي سوين ڪمزوريون ٿي سگھن ٿيون، پر چڱي ڳالھ ھي آھي ته اسان جو اجتماعي شعور اڄ به انھن ويرين سان برسر پيڪار آھي، جيڪي سنڌ کي ڪنهن بيڪري جو ڪيڪ سمجھي ڀاڱا ڪري کائڻ جو سوچي رھيا آھن. ھن تھوار جي ڪري سنڌ جي ازلي ويرين جي پيٽ ۾ يقينن ولوڙ پوندا ھوندا. اسين فخر محسوس ڪريون ٿا ته اسين مهين جي دڙي جي مٽيءَ مان ڳوهيل ھزارين سالن جي تھذيب جا امن پسند وارث آھيون. اسين عالمي انساني ڀائچاري، عدم تشدد، رواداري ۽ پنھنجي شاندار ثقافت سان دشمنن کي وائڙو بڻائي پنھنجي وجود جي منفرد جنگ وڙھي رھيا آھيون. تاريخ ۾ ھي جنگ، منفرد جنگ طور ياد ڪئي ويندي. ھي ڏينھن باھمي احترام، عدم تشدد، عالمي انساني ڀائيچاري جي ورجاءَ (تجديد) جو ڏينھن آھي. ھن ڏينھن تي ننڍن وڏن، ٻارن ٻڍن، جوانن ۽ جوانڙين جي چھرن تي جيڪا خوشي ۽ سندن اکين ۾ جيڪا جوت (چمڪ) نظر اچي ٿي، سا مايوسين کي مات ڏئي نئين صبح جا روشن دڳ ڏيکاري ٿي. جنھن ڪري ڌرتيءَ سان عشق جو ايمان وڌيڪ پڪو ۽ پختو ٿئي ٿو .
ھي ڏينھن ثابت ڪري ٿو ته سنڌ پنھنجي اندر ۾ موجود نسلي ۽ ثقافتي گوناگونيت ھوندي به ٻين کي پاڻ ۾ جذب ڪرڻ جي ڀرپور طاقت رکي ٿي. ٻين لساني اڪاين طرفان ٿيندڙ سنڌي ثقافتي پروگرامن ۾ شرڪت جي اسان کي ھمت افزائي ڪرڻ جڳائي. ھتي اچي ڪئين نسل ڌرتي ۾ جذب ٿي سنڌي ٿي ويا. جن سنڌ جي مزاج ۽ فطرت سان مھاڏو اٽڪايو، سي تاريخ جي ورقن ۾ ھميشه جي لاءِ دفن ٿي ويا. اڄ سندن نالو نشان پڻ غائب آھي. ھن ثقافتي ڏڻ تي سنڌ چٽو پيغام ڏي ٿي ته توھان سنڌ جا ٿيو، سنڌ توھان کي پنھنجي جيءَ ۾ جايون ڏيندي، جو اسان محبت جا علمبردار آھيون، نه ڪي نفرت جا. باقي فطرت جي اصول ۽ سنڌ جي مزاج خلاف ٿي بيھندا ته سنڌ توھان کي اوڳاڇي ڦٽو ڪندي. پوءِ توھان جو حشر اھڙو ٿيندو جو دنيا ۾ ڌڪاريل نسل طور ياد ڪيا ويندا .
ضرورت ھن ڳالھ جي آھي ته ھن تھوار کي ھاڻ نئين رنگ ۽ ڍنگ ۽ نون اعليٰ مقصدن سان ڳنڍجي. جديد تعليم، جديد ھنر، وڻج واپار ۽ قومي ترقي جي عالمي تقاضائن سان سلهاڙجي. نئين نسل کي منشيات کان بچائڻ به سٺو عمل آهي. ثقافتي جلوسن ۾ قلم ۽ سليٽ جا پلي ڪارڊ ڊسپلي ڪجن. بنياد پرستي، قبائلي عصبيت، ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف ڳالھائجي. سنڌوءَ جي بقا بابت ڳالهائجي. انھن سمورين سازشن کي ناڪام ڪجي، جيڪي سنڌين جي ايڪي ۽ ٻڌي ۾ ڏار وجھڻ لاءِ تاريخ جي ڦيٿي کي الٽو ڦيرائڻ جي چڪر ۾ ھن وقت به سرگرم آھن. کين کليل ۽ چٽن لفظن ۾ پيغام ڏجي ته سنڌ اسان جي شھ رڳ آھي. “سنڌ اول ۽ سنڌ آخر” کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ناھي .
ثقافتي ڏينھن ڪو رونشو ڪونھي پر نئين سياسي سگھ پيدا ڪرڻ ۽ گڏجي ھلڻ جي وچن جي تجديد جو ڏينھن آھي. ھن ڏينھن تي سنڌين جي لڪل صلاحيتن کي اجاگر ڪري سنڌ جو شاندار چھرو دنيا اڳيان نروار ڪرڻ گھرجي، جيڪو ڪجھ حد تائين سياسي نسلي ۽ ثقافتي آلودگين ڪري دونهاٽيل آھي. ھن ڏينھن تي ھڪ نئين مگر شاندار سنڌ جي تعمير جو عزم ورجائجي ۽ سندرا ٻڌي ميدان ۾ لھڻ گھرجي. انھيءَ ۾ ڪو شڪ ناھي ته ھي تھوار ۽ انھيءَ جا عظيم مقصد سموري دنيا جي مظلومن انسانن (قوميتن) لاءِ اتساھ جو سبب بڻجندا ۽ سنڌ تاريخ ۾ امر ٿي ويندي .