راڻيپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ وريو واهڻ ۾ جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ڀڙڪي اٿيل پراڻي تڪرار ٻيهر رتوڇاڻ جي جي صورت اختيار ڪري ورتي. ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙي دوران ڪيل فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 2 نوجوان ڀائرن سميت پنج ڄڻا قتل ٿي ويا، زخمين جو تعداد به 5 رپورٽ ٿي رھيو آھي. جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان تڪرار ٽن ڏهاڪن کان هلندڙ آهي. ھيستائين ان تڪرار ۾ 20 ماڻھو قتل ٿي چڪا آھن. ڪجھه وقت اڳ ان تڪرار جو نبيرو به ٿيو ھو پر دشمنيءَ جي دکندڙ چڻنگ وري ڀڙڪي اٿي. پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪري ھيستائين 20 ڄڻا گرفتار ڪري ورتا آهن. سنڌ جي وڏي وزير معاملي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
سنڌ اڄ جنهن حالتن مان گذري رهي آهي، تن کي رڳو “مسئلو” چوڻ حقيقت کان اکٻوٽ ڪرڻ برابر آهي. هي هڪ سنگين سماجي، اخلاقي ۽ رياستي ناڪاميءَ جو کليل اعلان آهي. خوني تڪرار هاڻي رڳو ٻن ڌرين جي وچ ۾ جهيڙو ناهن رهيا، پر اهي رياست جي عملداري کي چئلينج ڪندڙ، انساني تهذيب تي داغ ۽ اجتماعي ضمير جي ناڪاميءَ جو ثبوت بڻجي چڪا آهن. جيئن عرب جي دؤرِ جاهليت ۾ قبيلائي انا ۽ بدلي جي باهه نسلن کي ساڙيندي رهي، تيئن سنڌ ۾ به اها ساڳي ذهنيت زندهه رکڻ جو ڏوهه ڪنهن هڪ فرد يا قبيلي جو نه، پر پوري نظام جو آهي. هتي تڪرار ختم ناهن ٿيندا، پر ڄڻ ته ورثي ۾ ڏنا وڃن ٿا. پيءُ جي دشمني پٽ جي ذميواري بڻجي وڃي ٿي، ۽ پوءِ رتوڇاڻ جو اهو سلسلو بي رحمي سان هلندو رهي ٿو. ان رت جي راند جو اصل ڏوهاري ڪير آهي؟ اهو سوال هاڻي ڪنهن کان لڪل ناهي. ڏوهاري اها رياست آهي، جيڪا پنهنجي شهرين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. قانون جي حڪمراني صرف ڪتابن ۽ تقريرن تائين محدود ٿي وئي آهي، جڏهن ته زميني حقيقت اها آهي ته بندوق جو قانون هلي رهيو آهي. پوليس تماشائي بڻيل آهي، انتظاميا بي حس آهي، ۽ عدالتي نظام ايترو سست ۽ ڪمزور آهي جو ماڻهن ان تي ڀروسو ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. جڏهن رياست پنهنجون ذميواريون نڀائڻ ۾ ناڪام ٿئي ٿي، تڏهن جرڳا جنم وٺن ٿا. اهي جرڳا، جيڪي پاڻ کي انصاف جا علمبردار سڏائين ٿا، پر حقيقت ۾ ظلم، جبر ۽ طاقتور طبقي جي مفادن جا محافظ آهن. انهن فيصلن ۾ نه آئين جو لحاظ، نه انساني حقن جو احترام. ڪيترين ئي معصوم زندگين کي انهن جرڳن جي نالي تي قربان ڪيو ويندو آهي، پر ڪنهن کان پڇاڻو ناهي.
هاڻي سوال اهو آهي ته هٿيارن جا انبار آخر ڪٿان پيا اچن؟ ڇا سنڌ ڪو جنگي علائقو بڻجي چڪي آهي؟ جديد هٿيارن جي کليل نموني گردش ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته يا ته رياست مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي يا وري هن غيرقانوني ڪاروبار ۾ بااثر ماڻهن جي سرپرستي شامل آهي. ٻنهي حالتن ۾ نتيجو هڪجهڙو آهي: عام ماڻهو جي زندگي سستي ۽ بي قدر ٿي وئي آهي.
سنڌ جي سماج ۾ برادرين وچ ۾ ٿيندڙ خوني تڪرارن جو وڏو ڪارڻ جاگيرداري سرشتو آهي، جيڪو صدين کان طاقت ۽ اختيار جي اڻبرابري کي برقرار رکي ٿو. هن سرشتي هيٺ وڏيرا پنهنجي اثر رسوخ ذريعي عام ماڻهن کي دٻائي رکندا آهن ۽ ننڍن مسئلن کي به انا ۽ طاقت جي جنگ بڻائي ڇڏيندا آهن. نتيجي طور، معمولي ڳالهين تان وڏا جهيڙا جنم وٺن ٿا، جيڪي نسلن تائين جاري رهندا آهن. تعليم جي کوٽ، قانون جي ڪمزوري ۽ انصاف جي دير به انهن تڪرارن کي وڌائيندي آهي. جيڪڏهن سماج ۾ برابري، تعليم ۽ قانون جي بالادستي قائم ڪئي وڃي ته اهڙا خوني تڪرار گهٽجي سگهن ٿا۔
انهن خوني تڪرارن سنڌ جي معيشت کي به تباهه ڪري ڇڏيو آهي. زرخيز زمينون ويران پيل آهن، ڪاروبار بند آهن، سيڙپڪاري جو نالو نشان ناهي. ڪيترائي علائقا “نو گو ايريا” بڻجي چڪا آهن، جتي وڃڻ موت کي دعوت ڏيڻ برابر آهي. اسڪولن جا در بند آهن. ٻار، جيڪي مستقبل جا معمار هئڻ گهرجن، اهي خوف ۾ جيئڻ پيا. اهو سڀ ڪجهه صرف مقامي سطح تي نقصان ناهي، پر قومي ايڪي لاءِ به زهر قاتل آهي. جڏهن ماڻهو قبيلن، برادرين ۽ ذاتين جي بنياد تي هڪ ٻئي جا دشمن بڻجي وڃن، تڏهن قوم جو تصور پاڻ مرادو ڪمزور ٿي وڃي ٿو. اهڙي سماج ۾ ترقي، جمهوريت ۽ استحڪام صرف خواب بڻجي وڃن ٿا.
هاڻي سڀ کان اهم ۽ ڪڙو سوال اھو ته هي خوني تڪرار ڪنھن جي مفاد ۾ آهن؟ ڇا اهي غريب هارين، مزدورن يا عام شهرين کي ڪو فائدو ڏين ٿا؟ اهي تڪرار انهن بااثر ماڻهن جي مفاد ۾ آهن، جيڪي پنهنجي طاقت برقرار رکڻ لاءِ سماج کي ورهايل ۽ ڪمزور ڏسڻ چاهين ٿا. امن انهن لاءِ خطرو آهي، ڇو ته امن سان سندن اجاره داري ختم ٿي ويندي. سنڌ کي بچائڻ لاءِ رڳو بيانن، اجلاسَن ۽ واعدن سان ڪم نه هلندو. رياست کي پنهنجي رٽ بحال ڪرڻي پوندي، هر قيمت تي. غيرقانوني هٿيارن خلاف بي رحم آپريشن ڪرڻو پوندو. جرڳن جي نالي تي ٿيندڙ ظلم کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پوندو. تعليم، شعور ۽ انساني قدرن کي اوليت ڏيڻي پوندي. سنڌ وڌيڪ رتوڇاڻ جي متحمل نٿي ٿي سگهي.