ھمايون شريف ڀرسان معرفاڻي_ ڀيا تڪرار وري ڀڙڪي اٿيو: فائرنگ: نوجوان قتل

مارچ 26, 2025

ھمايون شريف(ن پ ا) همايون شريف ڀرسان ڀيا ۽ معرفاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري ڳوٺ لطيف ڀيو جي رهواسي 37 ورھين جي نوجوان عبدالحفيظ پٽ اصغر  ڀيو کي قتل ڪري ڇڏيو، نوجوان جي قتل بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، هڪ ڪلاڪ تائين فائرنگ هلندي رهي، پوليس جو چوڻ هو ته معرفاڻي ڌر جي فائرنگ ۾ ڀيا ڌر جو نوجوان مارجي ويو آهي، مارجي ويل جو لاش اسپتال منتقل ڪيو آهي، پوليس جو چوڻ هو ته ھڪ مھينو اڳ ڀيا ڌر جي ماڻھن محمد يوسف معرفاڻي ۽ سندس جي معصوم نينگري کي گوليون ھڻي قتل ڪيو ھو، ان جي پلاند ۾ نوجوان کي ماريو ويو آهي.سندن وڌيڪ چوڻ هو ته الزام هيٺ آيل ڌر اڳوڻي وفاقي وزير عابد حسين ڀيو جا ھاري ٻڌايا وڃن ٿا.گرفتاري جي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

 

Leave A Comment