ھندو، پارسي ۽ بهائي شاگردن کي ڌرمي تعليم ڏيڻ جو فيصلو

آڪٽوبر 7, 2023

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ تعليم کاتي پرڳڻي جي اسڪولن ۾ ھندو، زرتشت ( پارسي) ۽ بهائي  مذھب سان تعلق رکندڙ شاگردن کي سندن مذهبي تعليم ڏيڻ لاءِ اين او سي جاري ڪري ڇڏي

 ان ڏس ۾ تعليم کاتي جي سيڪريٽري  شيرين ناريجو وفاقي حڪومت پاران تيار ڪيل مذهبي نصاب کي سنڌ ۾ لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن  پڻ جاري ڪيو آهي

 نوٽيفڪيشن موجب زرتشت ( پارسي)  ۽ بھائي مذهب جي شاگردن کي پهرين کان پنجين  ۽ هندو برادري جي شاگردن کي پهرين کي ٽئين درجي تائين شهريت/ اخلاقيات بجاءِ سندس مذهبي نصاب پڙھائڻ جي اجازت هوندي جڏهن ته مسلمان شاگرد ۽ شاگردياڻيون اسلاميات ۽ عربي پڙھندا رهندا

 واضح رھي ته ڄاڻايل مذھبي سبجيڪٽ پڙھائڻ لاءِ استادن جي مقرري ۽ وفاقي حڪومت جي تيار ڪيل نصاب جي سنڌ جي پرائمري اسڪولن تائين رسائي بابت اڃا تائين ڪو فيصلو ناھي ٿيو

ان حوالي سان بار بار رابطي باوجود تعليم کاتي جي سيڪريٽري  شيرين ناريجو ڪال اٽينڊ نه ڪئي، جنهن سبب تعليم کاتي جو موقف معلوم نه ٿي سگھيو

Leave A Comment