وفاقي حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 137 رپيا 24 پئسا في ليٽر اضافو ڪري ڇڏيو آهي، پيٽرول جي نئين قيمت 458 رپيا 41 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي۔ ڊيزل جي قيمت ۾ 184 رپيا 49 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن بعد ڊيزل جي نئين قيمت 520 رپيا 35 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي۔ پيٽرول تي ليوي ۾ 55 رپيا 24 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن بعد پيٽرول تي ليوي 160 رپيا 61 پئسا في ليٽر ڪئي وئي آهي۔ حاتم طائي بڻجندي حڪومت
هر مهيني 20 ليٽر پيٽرول تي موٽر سائيڪل لاءِ 100 رپيا في ليٽر سبسڊي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزير خزانه محمد اورنگزيب چيو ته اڄ جيڪو فيصلو ڪيو ويو آهي اهو ملڪ جي قيادت جي مشاورت سان ڪيو ويو آهي. وزير خزانه سان گڏجي ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ چيو ته صدر مملڪت موجوده معاشي صورتحال ۾ رهنمائي ڪئي، جنهن تي اسان سندس ٿورائتا آهيون۔ تيل جي قيمتن ۾ واڌ خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج شروع ٿي ويا آهن. وڪيلن به احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. ڪجھ سياسي ڌريون به مومينٽم جوڙڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن. ڪالھ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن طرفان شديد احتجاج ڪيو ويو، کين ڊپٽي اسپيڪر، جنھن جو تعلق پيپلزپارٽي سان آھي، معاملي تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني. جنگ کانپوءِ ڊيزل جي قيمت ۾ 239 روپيا 55 پئسا، ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 192 روپيا 24 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي. اھي به خبرون آھن ته ايڏي وڏي واڌ آئي ايم ايف جي راء کي ريجھائي لاء ڪئي وئي آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ھن ملڪ جي اصل حڪمراني آئي ايم ايف کي مقاطعي تي ڏني وئي آهي؟ پيپلز پارٽي ان سڄي عمل ۾، حڪومت ۾ شراڪتدار ھجڻ جي ڪري ان فيصلي جو حصو رھي آھي. پ پ سان واسطو رکندڙ قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر اپوزيشن کي ان معاملي تي ڳالهائڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ تيار ڪونھي. تيل جي نئين قيمتن جي اعلان واري پريس ڪانفرنس ۾ پيٽروليم واري وزير طرفان صدر مملڪت جي “رھنمائي” جا ٿورا مڃڻ مان واضح آهي ته مسڪينان مار واري ان فيصلي ۾ پيپلزپارٽي به شامل آهي.
تيل جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بي رحم واڌ وارو فيصلو ڪنهن به صورت ۾ عام معاشي ضرورت يا پاليسي جو نتيجو نٿو لڳي، پر اهو کليل نموني عوام آزاريندڙ سوچ ۽ بيحسيءَ جو عڪاس آهي. جڏهن ملڪ اڳ ئي تاريخي مهانگائي جي ور چڙهيل آهي ۽ عام ماڻهو جيئڻ لاءِ جاکوڙي رهيو آهي، تڏهن پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ اايڏو وڏو ضافو ڪرڻ، عوام کي سڌي ريت اذيت ڏيڻ جي برابر آهي. اھا واڌ رڳو فيول اسٽيشنن تائين محدود ناهي رهندي؛ ان جا جهٽڪا هر گهر، هر رڌڻي، ۽ هر غريب شخص جي گھرو بجيٽ تائين پهچندا. ٽرانسپورٽ مهانگي ٿيندي ته اناج، ڀاڄيون، کير، دوائون— هر شيءِ جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪندا. اڳ ئي بک ۽ بيروزگاريءَ سان وڙهندڙ غريبن لاءِ هاڻي ٻن ويلن جي ماني به مشڪل بڻجي وئي آهي، جڏهن ته وچولو طبقو، جيڪو ڪڏهن استحڪام جي علامت هوندو هو، هاڻي قرضن، قسطن ۽ مايوسين جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي. هي صرف اقتصادي بحران ناهي. هي هڪ انساني الميو بڻجي چڪو آهي. هر نئون اعلان ماڻهن جي دلين ۾ دهشت ۽ بيچينيءَ جي لهر پيدا ڪري ٿو. سوال هاڻي اهو ناهي ته حالتون ڏکيون ڇو آهن، پر اهو آهي ته عوام کان اڃا ڪيترو صبر طلب ڪيو ويندو؟ ڇا ماڻهن کي رڳو آزمائش لاءِ ڇڏيو ويو آهي؟ اهڙين حالتن ۾ ڏوهه، بدامني ۽ بي يقينيءَ جو وڌڻ لازمي ٿي پوي ٿو. حڪمرانن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته بک ۽ مايوسي ڪنهن به معاشري کي اندران کائي ويندي آهي. افسوس جو مقام اهو آهي ته موجوده پاليسيون عوام کي سهارو ڏيڻ بدران، سندن زندگيءَ کي وڌيڪ ڳرو بار بڻائي رهيون آهن. هر نئين فيصلي سان اميدن جو قتل ڪيو پيو وڃي. ماڻهو هاڻي کليل لفظن ۾ پڇي رهيا آهن: سندن ووٽ جي حيثيت ڇا آهي؟ ڇا جمهوريت صرف چونڊن جي واعدن تائين محدود آهي، يا عوام جي بهتري به ان جو حصو آهي؟اڄ حالتون ايتريون ڳنڀير ٿي چڪيون آهن جو ماڻھن لاءِ روح ۽ جسم جو رشتو برقرار رکڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي. ماڻهو زندگي گذارڻ نه، پر صرف ساهه کڻڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. تاريخ بار بار اهو سبق ڏنو آهي ته جڏهن عوام جو صبر ٽٽي ٿو، تڏهن نتيجا به سخت ۽ اڻٽر هوندا آهن. حڪمرانن کي هوش کان ڪم وٺڻ گھرجي، پاليسين تي نظرثاني ڪئي وڃي، ۽ تيل جي قيمتن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي.