آمريڪي اسرائيلي جنگي جنون ويران وير وڌ آھي. اھا جنگ نه صرف ايران ئي مڙھي وئي آهي پر انھن سڄي دنيا جي معيشت تي به اھا جنگ مڙهي ڇڏي آهي. آمريڪا اصفهان ۾ هڪ وڏي هٿيارن جي گودام کي نشانو بڻايو آهي. عالمي ميڊيا جي رپورٽن مطابق، هن حملي ۾ 2 هزار پائونڊ وزني بنڪر بسٽر بم استعمال ڪيا ويا آهن. حملي کان پوءِ زوردار ڌماڪا ٿيا ۽ ڌماڪن جون وڊيوز به سامهون آيون آهن. ٻئي طرف ان جنگ کي روڪرائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. چين پڻ ھاڻي اھا جنگ روڪرائڻ لاءِ سفارتي ڪوششن ۾ شامل ٿي ويو آهي. چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي ۽ پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ڪالھ بيجنگ ۾ ملاقات ڪري، نار ۽ وچ اوڀر جي صورتحال بابت ويچارڻ بعد گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته: فوري جنگبندي ڪئي وڃي. انساني امداد جي رسائي کي يقيني بڻايو وڃي. شهرين ۽ انفراسٽرڪچر جو تحفظ ڪيو وڃي. ايران ۽ خليجي رياستن ۾ استحڪام لاءِ فوري امن ڳالهين جو آغاز ڪيو وڃي. فوجي تڪرار کي گهٽائڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري کي هٿي ڏني وڃي. ٻنھي ملڪن ان ڳالھ تي پڻ زور ڀريو ته هرمز واري سامونڊي لنگهه ۽ خليجي سامونڊي رستن جو تحفظ ڪيو وڃي. خليجي علائقي ۾ جٽادار امن لاءِ گڏيل قومن جي اڳواڻي هيٺ فريم ورڪ جي حمايت ڪئي وڃي.
اڄ دنيا هڪ اهڙي خطرناڪ دور مان گذري رهي آهي، جتي آمريڪي ۽ اسرائيلي جنگي جنون پنهنجي عروج تي پهچي چڪو آهي. ايران خلاف بنڪر بسٽر بمن جو وسڪارو، خارگ ٻيٽ تي قبضي جون ڌمڪيون، فوجي طاقت جو اجايو مظاهرو، ۽ سفارتڪاري کي لتاڙيندڙ پاليسيون، عالمي امن لاءِ سڌي طرح خطرو بڻجي ويون آهن. هي ڪا عام سياسي ڇڪتاڻ ناهي، پر هڪ بي لغام جارحيت آهي، جيڪا دنيا کي تباهيءَ جي ڪناري تي آڻي بيهاري رهي آهي. آمريڪا، جيڪو عالمي اڳواڻيءَ جو دعويدار آھي، اڄ هڪ اهڙي سامراجي ذهنيت جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ ٻين ملڪن جي خودمختياري، عزت ۽ سلامتي جي ڪا به اهميت ناهي. اسرائيل سان گڏجي، ايران کي نشانو بڻائڻ جو هي منصوبو رڳو هڪ ملڪ کي جهڪائڻ جي ڪوشش ناهي، پر پوري خطي کي باهه ۾ اڇلائڻ جي سازش آهي. بنڪر بسٽر بمن جهڙا خطرناڪ هٿيار استعمال ڪرڻ، انسانيت خلاف هڪ کليل اعلان جنگ آهن.
صدر ٽرمپ جون ڌمڪين مٿان ڌمڪيون صورتحال کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي رهيون آهن. ٽرمپ نه رڳو ايران کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر پنهنجي اتحادي ملڪن جهڙوڪ فرانس ۽ برطانيا کي به دٻاءُ هيٺ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اهو رويو هڪ اهڙي طاقت جي نشاندهي ڪري ٿو، جيڪا پنهنجي مفادن لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهي، ڀلي ان سان عالمي نظام ڇو نه ٽٽي پوي. وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته ٽرمپ جنگ جو خرچ عرب ملڪن کان ڀرائڻ چاهي ٿو، جيڪو کليل معاشي استحصال آهي. عرب دنيا کي هڪ اي ٽي ايم سمجهڻ واري سوچ، سامراجي نفسيات جو زنده مثال آهي.
هي جنگي جنون صرف فوجي ميدان تائين محدود ناهي رهيو، پر ان جا اثر عالمي معيشت کي به تباهه ڪري رهيا آهن. تيل جي قيمتن ۾ بي قابو اضافو، واپار جي نظام ۾ خلل، ۽ مالي منڊين ۾ غير يقيني صورتحال، سڄي دنيا کي اقتصادي بحران ۾ ڌڪي رهيا آهن. غريب ۽ اسرندڙ ملڪ، جيڪي اڳ ئي قرضن ۽ مهانگائي جي دٻاءُ هيٺ آهن، هاڻي مڪمل معاشي تباهيءَ جي خطري سان منهن ڏئي رهيا آهن.
حقيقت اها آهي ته دنيا کي هڪ وڏي تباهيءَ جي ڌٻڻ ۾ اڇلايو ويو آهي. جيڪڏهن هي جارحيت جاري رهي، ته نتيجا صرف هڪ علائقي تائين محدود نه رهندا، پر پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيندا. ٽئين عالمي جنگ جو خطرو هاڻي ڪو خيالي تصور ناهي رهيو، پر هڪ حقيقي امڪان بڻجي چڪو آهي. هي وقت خاموش رهڻ جو ناهي. عالمي برادري کي واضح ۽ جرئتمند موقف اختيار ڪرڻو پوندو. جنگي جنون کي روڪڻ لاءِ سخت سفارتي ۽ سياسي قدم کڻڻا پوندا. آمريڪا کي ذميواري جو مظاهرو ڪندي چين ۽ پاڪستان جي تازين ڪوششن کي ھاڪاري موٽ ڏيڻي پوندي. انائن جو اسير بڻجڻ بدران انسانيت خاطر سوچڻو پوندو.