مُلتانين جي پاڻ ۾ محبت ۽ اسان جي امڙ سائنڻ سان عقيدت- ٻئي پنهنجو مثال پاڻ آهن. انهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ تمام مشڪل آهي، پر ڪجهه واقعا لکڻ ضروري آهن.
اسان جي ٻالڪپڻ ۾، يعني لڳ ڀڳ 58 سال اڳ جي ملتان ۾، عام رواج اهو هو ته ڪنهن به گهر ۾ پڪل ٻوڙ يا ڪا خاص ڊش پاڙي جي ٻن چئن گهرن ڏانهن ضرور موڪلي ويندي هئي. اول انهن ڏانهن، جن بابت ڄاڻ هوندي هئي ته سندن گهر ۾ اها شيءِ پچڻ مشڪل آهي. ٻي انهن ڏانهن، جن سان ويجها لاڳاپا هوندا هئا. انهن ئي ڏينهن ۾، جيڪڏهن ٻارن کي پنهنجي گهر ۾ پچيل ٻوڙ پسند نه ايندو هو ته بنا ڪنهن تڪلف جي پاڙي ۾ ڪنهن جو به در کڙڪائي پڇندا هئا: “او ماسي، او جيجان، او چاچي، اڄ ڇا پچايو اٿوَ؟” جواب سان گڏ پڪل ٻوڙ وٺي گهر موٽي ايندا.
عقيدت جو هڪ ٻيو قصو ٻڌو. هڪ ڀيري آئون سالياني موڪلن ۾ ڪراچيءَ کان مُلتان آيس ته منهنجو وڏو ڀاءُ (وڏو ادا سائين مرحوم) ۽ سندن هڪ جاني دوست مون کي ڊريم لينڊ سينما ۾ فلم ڏيکارڻ لاءِ وٺي ويا. ياد پوي ٿو ته فلم جو نالو “بهارو ڦول برسائو” هو. محمد علي، زيبـا، وحيد مراد ۽ ٻيا اداڪار شامل هئا. اسين ڊريم لينڊ جي گيلري ۾ پنهنجي سيٽن تي ويٺا ئي هئاسين، جو پٺئين پاسي کان هڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيو:
“اڙي! اهي ته بي بي عاشوءَ جا پٽَ آهِن!”
“ڪهڙا؟” ٻيو آواز آيو.
“اِهي جيڪي اڳين سيٽن تي نه ويٺا آهن!” جواب آيو.
“توهان کي ڪيئن خبر پئي ته اهي واعظ واري بي بي جا پٽَ آهن؟” وري سوال ٿيو.
جواب ٻڌڻ ۾ آيو: “مان ڪالهه بي بيءَ وٽ ڀيڻ کي دم ڪرائڻ وئي هيس. هي جنهن کي ڪارا ڪپڙا پاتل آهن… اڃا ٿوري دير اڳ آيو هو. بي بي سائنڻ سان پَردي پٺيان ڳالهايائين ۽ پوءِ بي بيءَ ٻڌايو ته: “هي منهنجو جاويد آهي، ڪراچي ۾ پڙهندو آهي، اتي ئي رهندو آهي”.
مون وڏي ادا سائينءَ کي ٺونٺ هڻندي چيو: “ٻڌ، بابا! پڪڙجي پيا بي بيءَ جا ٻار!” پر هو پنهنجي دوست خواجه شهباز سان ڪچهريءَ ۾ مصروف هو، شايد ٻڌي نه سگهيو. پوءِ مون کان پڇيائين ته مون پيرائتي ڳالهه ڪري ٻڌائي، ته چيائين: “بابا، توهان ڄاڻو، بي بي جون مريدياڻيون ڄاڻن ۽ بي بي پاڻ ڄاڻي، اسان هٿ مٿي ڪيا”.
ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ، مان منجهند جو (ملتان ۾ پنهنجي قيام بابت اڳ ئي عرض ڪري چڪو آهيان: گهر ڇڏڻ کان پوءِ جڏهن به ملتان ايندو هوس ته عمر علي خان بلوچ جي ڇت واري ڪوٺڙيءَ تي رهندو هوس، البته جيترا ڏينهن ملتان هوندو هوس، منجهند جو کاڌو امڙ سائنڻ وٽ کائيندو هوس، اهو ئي سندن حڪم هو) مانجهاندي لاءِ خوني بُرج جي پاڙي اسحاق پوره ۾ پنهنجي اباڻي گهر ۾ جيئن ئي داخل ٿيس ته پهريون آواز ڪنن ۾ پيو: “پَردو”. يعني اندر آڳنڌ ۾ ڀينرن وٽ وڃي ويهو؛ ڇو ته رڌڻي ۾ امڙ سائنڻ وٽ مريدياڻيون ويٺل هيون.
ڪجهه دير بعد امڙ سائنڻ جو آواز آيو، پڇي رهيون هيون: “جاويد! تون ٻه ڏينهن اڳ منجهند جو ڪٿي هئين؟”
مون عرض ڪيو: “دوستن سان گڏ هوس”.
امڙ سائنڻ چيو: “پر تنهنجي خاله (امڙ سائنڻ جي هر مريدياڻي اسان لاءِ خاله، باجي يا چاچي هوندي هئي) چئي ٿي ته تون ڊريم لينڊ سينيما ۾ فلم ڏسي رهيو هئين؟”
زبان مان بي ساختا نڪري ويو: “خاله پاڻ به فلم ئي ڏسي رهي هئي، هوءَ پاڻ وري ڪهڙو مولانا وحيد مراد جو خطبو ٻڌڻ وئي هئي”!
ان جواب تي رڌڻي ۾ ويٺل خاله مريدياڻيءَ تي ڇا گذري، اها ته خبر ناهي؛ پر ڀينرن جي ٽهڪن آسمان ٻُرائي ڇڏيو، ۽ امڙ سائنڻ جا دڙڪا شروع ٿي ويا. ڀينرن کي چيائون: “اوهان سڀني هن نالائق کي مٿي تي چاڙهي ڇڏيو آهي، جيڪو وات ۾ اچي ٿو، سو ڳالهائي ڇڏيندو آهي”. هڪ ڀيڻ وراڻيو: “امڙ سائنڻ، هي جاويد اسان وٽ رهندو ئي ڪٿي آهي جو اسين هن جا لاڏ ڪوڏ کڻون؟ هن کي مٿي تي چاڙهيون؟” ان جواب تي ماٺار ڇانئجي وئي.
امڙ سائنڻ (سيده عاشو بي بي، واعظ واري) سان ملتاني خاندانن جي عورتن جي محبت ۽ عقيدت جو عالم اهو هو جو سندن لاڏاڻي واري سانحي کان پوءِ، جڏهن مان واپس لاهور وڃڻ لاءِ بس ۾ پنهنجي سيٽ تي ويٺو هئس، ڪجهه دير بعد اڳين سيٽن تان پندرهن ـ سورنهن ورهين جي هڪ نوجوان مون کي چيو: “میڈی اماں ہوراں آہدن تساں ساڈیاں سیٹیاں گھن گھنو اساں تہاڈی سیٹاں تے بہہ ویندے ہیں” مون کي نوجوان جي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي (انهن ڏينهن ۾ دوست ڄاڻن ٿا ته مان سفر دوران ٻه سيٽون وٺي سفر ڪندو هوس). مون هن کان معذرت ڪري ورتي، ڇو ته اهي سيٽون منهنجون پسنديده هيون. ڪجهه لمحن بعد مون محسوس ڪيو ته ڪنهن شفقت ڀري ممتا وارو هٿ منهنجي مٿي تي رکيو، ۽ ڪنن ۾ ڍنڍڪر وارو آواز آيو. هڪ معزز خاتون پڇي رهي هئي: “توهان عاشو بي بي جا جاويد آهيو؟”
“جي”…. مون عرض ڪيو.
هن چيو: بی بی جی پچھلے ہفتے فوت تھئن ہنڑ اساں انہاں دی اولاد کو کنڈ کرتے بہوں انہاں دی روح کیا آکھسی”
هڪ ٻه جملا وڌيڪ ڳالهائڻ کان پوءِ، مون انهن جي پنهنجي والده سان محبت جي احترام ۾ پنهنجي سيٽ بدلائي ڇڏي. اڄ امڙ سائنڻ جي وفات کي 24 ورهيه گذري چڪا آهن، پر ملتاني خاندانن جي دلين مان سندن اولاد لاءِ محبت اڃا تائين ختم نه ٿي آهي. جڏهن به ملتان ويندو آهيان، ڪا نه ڪا ڳالهه اهڙي ضرور ٿي پوي ٿي، جيڪا امڙ سائنڻ لاءِ ملتانين جي محبت جو ڏيئو ٻيهر روشن ڪري ٿي ڇڏيندي آهي.
امڙ سائنڻ جي گهر جي گهٽيءَ ۾، ميدان مان اندر داخل ٿيندي وقت کاٻي هٿ تي سڀ کان پهرين هڪ سنهي گهٽي اچي ٿي. هن گهٽيءَ جي ڪنڊ واري گهر ۾ هاڻي اسان جي وڏي ڀيڻ رهندي آهي، ۽ اهو گهر سندن ملڪيت آهي. پنجاهه ـ پنجونجاهه ورهيه اڳ، اديءَ سائنڻ جي هن گهر کي خريد ڪرڻ کان اڳ، اهو گهر اسان وٽ مسواڙ تي هو. ڏينهن جو مهمانن کي اتي ويهاريندا هئاسين ۽ رات جو گهر وارا پاڻ استعمال ڪندا هئاسين. وڏي ادا سائينءَ جي شادي کان پوءِ اهي به هتي ئي رهڻ لڳا. جڏهن اهي پنهنجي گهرواريءَ سان مظفر آباد هليا ويا، ته اهو ئي معمول ٻيهر شروع ٿي ويو. البته جڏهن بابا سائين سعودي عرب مان موڪلن تي ايندا هئا ته هن گهر جو هڪ ڪمرو خاص طور تي سندن لاءِ مخصوص هوندو هو.
وڏي گهٽي ۾ چيڙي واري گهر کان اڳيون گهر امڙ سائنڻ جو هو. هن گهر جو دروازو فجر جي اذان سان کُلي ويندو هو ۽ رات دير سان بند ٿيندو هو. گهر ۾ داخل ٿيندي ئي کاٻي هٿ تي ڇڄو هو، ان سان لڳو لڳ ڇهن دروازن وارو ورانڊي نما ڪمرو. صفي ۽ رڌڻي جي وچ ۾ ورانڊو. ان جي اندر هڪ ننڍو ڪمرو، جنهن ۾ سامان سان گڏ ٻه پلنگ هميشه پيل هوندا هئا. آڳنڌ ۾ پهرين دروازي سان لڳل ڪاٺ جو هڪ وڏو تخت پوش ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين وڇايل رهيو. امڙ سائنڻ تهجد جي وقت بستري تان اٿي انهيءَ تخت پوش تي اچي ويهنديون هيون. منهنجي ٻالڪپڻ ۾ (جڏهن مان گهر ۾ رهندو هوس) هي تخت پوش ٻن حالتن ۾ خالي هوندو هو: 1. جڏهن امڙ سائنڻ رڌڻي ۾ هونديون هيون، 2. جڏهن اهي واعظ ڪرڻ/درس ڏيڻ ويل هونديون هيون. اڳتي هلي، جڏهن رڌڻي جو سڄو انتظام ڀينرن سنڀالي ورتو، تڏهن تخت پوش/صندل فقط هڪ حالت ۾ خالي رهندو هو ۽ مصلي جو هڪ ڪنارو مُڙيل هوندو ته ان مان خبر پوندي هئي ته امڙ سائنڻ واعظ/درس لاءِ وئي هوندي.
جڏهن صبح جا ڪرڻا زمين تي لهندا هئا ته، بي بي جي جون عقيدتمند عورتون اچڻ شروع ٿينديون هيون. گهٽي پاڙي جي عورتن کان سواءِ جيڪڏهن ڪا ٻاهرين عورت ايندي هئي ته امڙ سائنڻ جو آواز بلند ٿي ويندو هو: “پَردو!” ۽ پوءِ ڇوڪرن ٻاڪرن لاءِ لازمي هوندو هو ته پاڻ کي رڌڻي ۽ ننڍي گهر تائين محدود ڪري ڇڏين.
گهڻا سال گذرڻ بعد جي هڪ ڏينهن جو واقعو آهي. مان مانجهاندو ڪرڻ لاءِ امڙ سائنڻ وٽ ويس ته دروازي مان داخل ٿيندي ئي ڪنن تي “پَردو” جو آواز پيو. رڌڻي ڏانهن ويندي مون پڇيو: “ڪير آهي؟”
امڙ سائنڻ جو آواز آيو: “تنهنجي خاله”.
ان ڏينهن مون وڏي آواز ۾ چيو: “امڙ سائنڻ، اسان کي انهن چاچين ماسين جي نمبر وار لسٽ ٺاهي ڏيو”!
۽ اُن وقت مون پهريون ڀيرو پنهنجي امڙ جو ٽهڪ ٻڌو هو. پوءِ هوءَ ڀرسان ويٺل ڪنهن عورت کي چئي رهيون هيون: “بچي شل اهو منهنجو جاويد آهي. بس ماءُ وٽ هڪ وقت جي ماني کائڻ جي بهاني اچي ٿو. توهان هن جي ڳالھ تي ناراض نه ٿجو”.
گهر جي داخلي دروازي وٽ آڳنڌ ۾ تخت پوش تي ويٺل امڙ سائنڻ بنهه دريا دِل هونديون هيون. وٽانئن ڪڏهن به ڪو حاجتمند خالي نه موٽندو هو. گهر ۾ جيڪو پچندو، سڀ کان پهرين مستحق ماڻهن جو حصو ڪڍنديون هيون، پوءِ هڪ ٻن پيارين پاڙي وارين عورتن جو، ۽ آخر ۾ اولاد جو نمبر ايندو هو. جڏهن کين خبر پوندي هئي ته مان ملتان پهتو آهيان، ته جيترا ڏينهن مان اتي رهندو هوس، منجهند جو ٻوڙ ڳنڌڻ منهنجي پسند جو پچندو هو – ڪڏهن پٽاٽا گوشت، ڪڏهن چڻن جي دال گوشت، ڪڏهن مڪس داليون، ڪڏهن ڪوفتا. امڙ سائنڻ مون لاءِ زردو ۽ “جئوو” (ملتاني سَيون سمجهو) ضرور پچائينديون هيون.
ننڍي گهر واري سنهي گهٽيءَ ۾ ملتان جي قديم “شاگرد جي تعزيي” واري لائسنسدار خاندان جا ماڻهو رهندا هئا. هاڻي به اهو گهر اُن ئي خاندان جي نئين نسل وٽ آهي. پهرئين محرم الحرام کان ٻارهين محرم تائين هن ڪٽنب کي نيرن، مانجهاندو ۽ سانجهاندو امڙ سائنڻ طرفان ويندو هو. ڪڏهن ڪو چوندو: “بي بي، اهي ته تعزيي وارا آهن”، ته پاڻ جواب ڏينديون هيون: “اولادِ رسول پاڪ صه جا عاشق آهن، مان به پنهنجو حصو ملائي ڇڏيندي آهيان. ڪملِي وارو آقا صه قبول فرمائيندو”. صرف امڙ سائنڻ ئي نه، اسان جي وڏي خالا جان ۽ اُن کان اڳ ناني امان سيده زليخا بي بي رحه (زوجه پير سيد عبدالرحمان بخاري مرحوم) به “واعظ واري بي بي” جي نالي سان ملتان ۽ ان جي چوڌاري مشهور هيون.
نانا بابا پير سيد عبدالرحمان شاهه بخاري رحه جون ٽي شاديون هيون. اسان جي امڙ، سندن ٻه ڀينرون ۽ ٽي ڀائر، سڀ سندن ٽئين گهرواريءَ جو اولاد هئا. اسان جي هڪ ويڳي خاله عبدالحڪيم، تعلقو ‘ڪبير والا’ واري پير سيد خورشيد احمد همداني رحه جي گهرواري هئي ۽ ٻي خاله پير اسحاق شاهه مخدوم رشيد واري جي والدہ هئي. هڪ ويڳو مامو ۽ سندن فرزند سيد منور حسين شاهه مرحوم، احمد پور شرقيه جي محلي هاٿي بازار ۾ رهائش پذير رهيا. ڀاءُ منور حسين ڪجهه سال اڳ وفات ڪري ويو، ۽ سندس ڌيئرون اڄ به احمد پور شرقيه ۾ ئي رهنديون آهن. اسان جي هڪ خاله جان (امڙ سائنڻ جي ننڍي ڀيڻ) ملتان جي مشهور صوفي سني عالم دين ۽ مدرسه انوارالعلوم۽ مدرسه مظهرالعلوم جي باني مولانا سيد عبدالله شاهه رضوي رحه جي گهرواري هئي. الله تعاليٰ سڀني مرحومين تي پنهنجي رحمت فرمائي ۽ سندن درجات بلند ڪري. آمين.
(هلندڙ)