“ھيرا ڦيري 3” کان تالا: ھدايتڪار پريا درشن آئوٽ

“ھيرا ڦيري 3” کان تالا: ھدايتڪار پريا درشن آئوٽ

ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشھور ھدايتڪار پريا درشن فلم “ھيرا ڦيري 3” بابت وڏو انڪشاف ڪري ڇڏيو، هن “ھيرا ڦيري 3” کان الڳ ٿيڻ جا سبب ظاهر ڪندي چيو ته قانوني تڪرارن، ذاتي اختلافن ۽ پروڊيوسر فيروز ناڊيا والا جي رويي کيس فلم کان ڌار ٿيڻ تي مجبور ڪيو. هن چيو ته موجوده حالتن کي ڏسندي کيس نٿو لڳي ته ’ھيرا ڦيري 3‘ ڪڏھن وڏي پردي تائين پھچي سگهندي! هڪ انٽرويو ۾ پريا درشن دعويٰ ڪئي ته فيروز ناڊيا والا ڪيترن ئي موقعن تي سندس توهين ڪئي، هن  اڪشي ڪمار کي به چيو ته جيڪڏهن فلم ٺاهي ته مون بنا ٺاهي. ھدايتڪار موجب اڪشي ڪمار، سنيلي شٽي ۽ پاريش راول کيس فلم جي ھدايتڪاري لاءِ راضي ڪيو ھو، ايستائين جو ڪهاڻي ٻڌڻ کانپوءِ ٽئي اداڪار به ڪافي پرجوش ھئا. ھن وڌيڪ ٻڌايو ته فلم جي اعلان کانپوءِ کيس سيون آرٽس فلمز پاران قانوني پيچيدگين بابت خبردار ڪيو ويو، جنھن کانپوءِ کيس احساس ٿيو ته انهي منصوبي کي مڪمل ڪرڻ انتھائي مشڪل ھوندو. پريا درشن واضح ڪيو ته سندس ۽ اڪشي ڪمار جا پيشيوراڻا لاڳاپا بهتر آھن، ٻئي ھڪ نئين ڪاميڊي فلم“حيوان” لاءِ گڏجي ڪم ڪري رھيا آھن، اها فلم 11 سيپٽمبر تي سينيما گھرن جي زينت بڻجندي.