ھڪ جپسي ڪالم … اَنجليءَ جي آس پاس … حبيب ساجد

                 انجلي … منھنجي نظمن جو پھريون  ڪتاب … جيڪو اسان ٻنھي جو ھڪ گڏيل خواب ھو، اسان “ٻنهي” جو مطلب مان ۽ منهنجي شهرَ جي ھڪ ٻروچ گنوخ شاعره – جيڪا ٿوري ٿوري ڳالھ تي ايترو ته غصي ۾ اچي ويندي ھئي جو پنھنجي ھٿَ ۾ پڪڙيل ڪاغذ جيان کنَ پل ۾ پرزا پرزا ڪري ڇڏيندي ھئي، شوڪت نوناريءَ جي سچي ڀيڻ جھڙي اھا شاعره مجسم شاعري ھوندي ھئي، ھن جون اکيون شاه لطيف جي بيتَ “اکين ۾ ٿي ويھ، آئون واري ڍڪيان” جو ڪو اصلي روپ لڳنديون ھيون، ھي اسان جي لطيف يونيورسٽي جو اھو ڪوڪون پکيءَ جي لاتين جھڙو خواب ناڪ ۽ ڪنھن وڇڙي ويل ھنج پکيءَ جي ڪرلاون جھڙو درد رکندڙ دؤر ھيو، جنهن دؤر ۾ ڪنن ۾ ٻُرندڙ ھر لھجو ڪنهن سندر موسيقيءَ جيان لڳندو ھو. اڃان اسان جي دلين نفرتن جي ساڙيندڙ لهجن جي لهس جو تجربو ڪونه ڪيو هو، انھن ئي ڏھاڙن ۾ اسان ٻنھي دل سان سوچيو ھو ته اسان ٻئي پنھنجي شاعريءَ جو گڏيل ڪتاب آڻينداسين … زال ۽ مڙس شاعرن جو اھو خواب اسان ٻنھي جي گڏيل اکڙين ڏٺو ھو، بلڪه اسان ته ايترو به سوچي ڇڏيو ھو ته ھن جي شاعريءَ تي سائين اياز گل کان مھاڳ لکرائبو ۽ منھنجي شاعريءَ تي سائين ادل لکندو … اھو ئي ادل اسان ٻنھي جي شاديءَ ۾ ھن جي طرفان وڪيل به بڻيو ھو ۽ اسان ٻنهي پاڻ کي بيحد خوشنصيب پئي ڄاتو ته 03 03 2003 يعني 03 مارچ ويھ سئو ٽي تي جڙندڙ اسان جو هي رشتو جن به عظيم ھستين وٽنيس طور سائِن ڪيو آھي، اھو رشتو ڏھاڪا نه ته صديون ته ضرور ھلندو … پر افسوس ايئن ٿي نه سگھيو.. جلد ئي پاڻ ۾ شديد پيار ڪندڙ پاڻيءَ جي ٻن مڇين وچ ۾، ھن جي خاندان جي ھڪ مھاڻي اچي وئي، جنھن اچڻ سان ئي اسان ٻنھي جي مٿان دوکي جو ڄار تاڻي مڇين کي پاڻيءَ کان جدا ڪري ڇڏيو … مون اھو غم،  اڄ تائين غمِ حسين جيان پاڻ ئي پاڻ پنھنجي دل ۾ ڀوڳيو آهي ۽ ھن سان ڪابه شڪايت ڪانه ڪئي آهي. ايئن، ھوءَ پنھنجي زندگيءَ جي ڪراچيءَ ۾ گم ٿي وئي ۽ ھيڏانھن مون پنھنجو پاڻ کي سکر جي سنڌوءَ ۾ غرق ڪري ڇڏيو. انجليءَ جي آڻڻ جو اهو خواب ايئن اکين  ئي اکين ۾ اسان ٻنھي جي وچ ۾ تڙپندو رھجي ويو.. ان وچ ۾ پورا ساترا 23 سال گذري ويا. ھن مھل جڏھن مان پنھنجي زندگيءَ جي شامَ جي آس پاس پھچي ويو آھيان ته سوچيم اھو خواب مان اڪيلو ئي ساڀيان ڪريان ته بهتر آهي .. ان سلسلي ۾ پياري دوست ۽ لاڙڪاڻي جي نڪَ شاعر ساجد سنڌيءَ منھنجو ھي خواب ساڀيان ڪري ڏيکاريو …ان جي پاداش ۾ ھن جيڪي ڪجھ هن پاسي کان سھن ڪيو، اھو ھن جي وڙ جو وڏو ثبوت آھي … شاڪ آبزرور جهڙي منهنجي ھن دوست، نفرتن جي نگر مان آيل سمورن جھٽڪن کي پنھنجي وجود تي سھن ڪيو ۽ مون تائين ڪو ھڪ لوڏو ٻه پهچڻ ڪونه ڏنو. ان لاءِ مان سھڻي ساجد جو ھميشه شڪرگذار رھندس. انجليءَ جي چپجڻ کان پوءِ کوڙ ساترن دوستن ۽ منھنجي سيھوڳي ليکڪائن ان تي لکڻ جي خواھش جو اظھار ڪيو آھي ۽ اھا ڳالھ مون جهڙي هڪ جپسي روح جي لاءِ وفخر جهڙي ڳالھ آھي. مان چاھيان ٿو، منھنجي جن دوستن ھن مھل تائين انجليءَ تي پنھنجي خيالن جو اظھار ڪيو آھي، ان جون ڪجھ جھلڪيون اوھان سان

ونڊ ڪريان … ان سلسلي ۾ پهريون ليک منهنجي پياري دوست ابراهيم کرل لکيو آهي ۽ هيئن ڪمال جو لکيو آهي ..

شاعري بہ ھڪ ڪرشمو آھي. اھو ان ڪري تہ شاعريءَ ۾ اھو ڪجھ بيان ٿي وڃي ٿو جنھن جي بيان ٿيڻ جي ڪا اڳواٽ رٿابندي گھٽ ٿي سگھندي آھي، بس خيال آھي، ڪا وير آھي، ڪا لھر آھي، جيڪا اسري، اڀري، موج ۾ اچي وري ماٺي ٿي وڃي ٿي، اھو سئو فيصد سچ آھي تہ ”انت بحر جي ڪا ڪل ئي ڪونہ ٿي پوي“.

ھڪڙا شاعر رديف ۽ قافين جا ڍير نوٽ بوڪ تي نوٽ ڪري پيا لفظن جي جوڙجڪ ڪن، چئن ماترائن وارو لفظ، پنجن وارو، ھي متحرڪ لفظ، ھي ساڪن، ھي حذف ٿيندو، ھن کي ڊگھو ڪر، ھن کي گھٽ ڪري، مطلب تہ رسيءَ وانگر پيا، ڳنڍين، ڇوڙين، ۽ سرڪڻ ٺاھين، ڪي وري پرائو وزن، پرائي زمين کڻي، پراوا قالب ڀري پيا سرن وانگر سرزمين تي اٿلائين پٿلائين، وڍ ٽڪ پئي ھلندي، ڪن تي ھٿ ھوندن. اڙي بابا ھي ڇا؟ …. سائين سر ۽ لئہ پئي سيٽ ٿئي، اتارُ، چڙھاءُ پيو ماپجي، ساھ پيو ڪڇجي. اھڙي ٻڙڌڪ واري ماحول ۾ ڪڏھن ڪڏھن ڪا ڏکڻ جي ھير جھڙي شاعري، ننڊ ڪري ڪر موڙي، اٿي سامھون اچي ٿي تہ ھنيانءَ تي ڇنڊو پوي ٿو ۽ اھو چوڻو پوي ٿو تہ نہ ٻيلي اڃا ڪي آھين ”ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي“. اھڙو ڪاپڙي، ھڪ اسان جو يارڙو نازڪ نفيس، ھميشه غم جھان سان گڏ غم جانان جو درد، مٿي ۽ دل تي کنيون وتي زمين ماپيندو. جنھن جي ماپ جا انداز بہ پنھنجا آھن، ڪڏھن سندس پير ملتان جي وارياسن پڙن، روھي راجستان تي پون ٿا تہ ڪڏھن ھو ڪوٽڙي کان ٿيندو جھمپير جون اھي باقي بچيل کجيون وڃي ڏسي ٿو، جن جي ڀر مان اسان جو رسول بخش درس گذرندو ھو، اھو سڀڪجھ ھو پاڻ پنھنجي لکڻين ۾ لکندو رھي ٿو. سندس لکڻيون ڪاڪ محل جي ناتر جيان ترڪتال ڪندڙ، مرڪندڙ، ۽ دل ۾ جاءِ پيدا ڪندڙ آھن، تڏھن تہ ھو ھن دنيا ۾ حبيب جي نالي سان مشھور آھي، مون کي لڳندو آھي تہ ھي شعر ۾ استعمال ٿيندڙ جملو ”حبيبن ھيڪار، منجھان مھر، سڏ ڪيو“ ماضيءَ جو اھو پرتوو آھي، جيڪو حبيب جي لائيف اسٽائيل تي ڀرميچي بيھي ٿو، حبيب بہ ڪنھن سانئڻ، ڪنھن جانان، ڪنھن پرينءَ جي سڏ تي رڪجي وڃي ٿو، مڙي نھاري ٿو، موٽ جو انتظار ڪري ٿو ۽ قيد ٿي رھجي وڃي ٿو، دنيا کي آڱوٺو ڏيکاري، ھڪ ڪرو ٿي زلفن جي ڇانوَ ۾ گذاري ٿو، نينھن جا نشا جڏھن لھن ٿا تہ ھي شولڊر بيگ ڪلھي ۾ وجھي وري دنياداريءَ ڏانھن موٽي ٿو، ھن پنھنجي محبوب، پنھنجي دوست، ۽ پنھنجي قلم کي ور ور ڪري ڇڏيو آھي ۽ ور ور ڪري کنيو آھي. تڏھن ئي تہ سندس شاعريءَ ۾ اھي سڀ موسمون ملن ٿيون جن ۾ رسڻ پرچڻ، جون فيصلائتيون ڳالھيون ٿينديون آھن، ڪير کيس خزان ڏانھن ڌڪي ڇڏيندو آھي تہ ڪير کيس سرد راتين ۾ اڪيلو ڪري ويندو آھي، آرڙھ جا ڏينھن سندس جيون ۾ مٿي جي وارن جيترا آھن، بھار جا ڏينھن سندس شھپرن جيترا جن کي بہ ھو ريزر سان ڪوڙي ڦٽو ڪري ڇڏيندو آھي.

ڳالھيون گھڻيون آھن پر سندس شاعري ھر ھر پنن مان جھاتيون پائي ڏسي رھي آھي تہ مان ڪيتري نرم گداز سان ڀريل آھيان پر ھي شخص موبائيل جي ڪي بورڊ تي الائي تہ ڪھڙي جھان وڃي نڪتو آھي.

مان شاعريء کي تسلي ڏيان ٿو، توڙي جو ڪنھن شاعر کي ڊفائن ڪرڻ منھنجي وس جي ڳالھ ناھي پر تنھنجي تخليقڪار ۾ اھڙي سگھ، اھڙو جادو ضرور آھي جو کانئس ڪير بہ لنوائي نٿو سگھي.

”توکي ڏسي مان

اوڀر کان اڀري پوندو آھيان“ صفحو 136 ڪتاب انجلي.

ھن شخص کي ڪو چوڻ وارو آھي تہ تون رڳو اڪيلو شخص ناھين جو سنڌي ادب جي افق تي سج ٿي اڀرندين. تيرن جو لفظن جو نشانو بڻجي ويندين يار ڪجھ خيال ڪر (غير روايتي صلاح)

”توکي وسارڻ لاءّ

مون وٽ ھڪ بہ مضبوط سبب ڪونھي“ (ص 139)

ھي ڪھڙو ميڊيم آھي جنھن ۾ وسارڻ جي گنجائش ئي ڪونھي، ھي ڪھڙو جملو آھي جنھن ۾ ڪوبہ زمانو ڪونھي، نہ ماضي نہ حال نہ مستقبل، ھي مستقل پيار جو پيرا ميٽر آھي.

”ھاڻي اسان جي ھٿن جي ٻڪ ۾

ڪوبہ چھرو ڪونہ آھي

جنھن جي لپ اسٽڪ بنا چپن تي

پنھنجا ڪوسا چپ رکي سگھون“ (ص 140)

ڪوسا چپ، ڇا تہ ذومعنوي لفظ آھي، ٿڌا چپ تہ سمجھان ٿو پر ڪوسا چپ مون آڏو تتل واري، نٽھڻ اس جو احساس کڻي آيا آھن، دوري جو دوزخ جڏھن اندر ۾ ٻرندو ھجي تہ ڪٿان تہ ڪوساڻ ظاھر ٿيندي.

”روز منھنجي مرڪ جو سگريٽ

تنھنجي ڪاوڙ جي ايش ٽري ۾

بي درديءَ وچان وسامجي وڃي ٿو“ (ص ا27ـ28)

لفظن ۽ شين کي نيون معنائون ڏيڻ بہ شاعر جو حسي ڪمال ھوندو آھي، مرڪ جو سگريٽ، دنيا ۾ ھجي نہ ھجي پر مون ڏٺو آھي، جيڪو اڪثر ڪري ڊاڪٽر تنوير پيئندو ھو.

” ڏسو

جنگيون بند ڪريو

۽ سڀئي ھٿيار ڀڃي ڇڏيو

اسان جون محبوبائون

اسان جو انتظار ڪري رھيون آھن“ (ص 101)

لھجو ڏسو، پيشڪش ڏسو، مخاطب ٿيڻ جو انداز ڏسو، شاعري ڏسو ۽ منھنجي حبيب کي ڏسو، فيصلو پاڻ ڪريو.

”مان آدم کان وٺي ھن مھل تائين

تنھنجي سڳيءَ جي ڳنڍ ۾ قيد ٿيل آھيان“ (ص 92)

ھاءِ ڙي حبيب!

تون شاعريء جي دفتر کي اھڙو تہ ڇريو آھي، جو اھو چنڊ جيان چمڪي رھيو آھي.

دل ڪونہ ٿي ڇئي تہ آئون تنھنجي شاعريءَ جي جوڙيل گلوب مان نڪري وڃان پر مان ھڪ تنھنجو ئي نظم توکي ارپي ھن مضمون مان نڪري وڃان ٿو:

”ھن چيو

آءِ ھيٽ يو

۽ مون سمورا آئينہ ڀڃي ڇڏيا

ھن چيو

گيٽ آئوٽ

۽ مان دنيا مان ئي نڪري ويس

ھن ڇيو

آءِ لو يو

مگر افسوس… اھو مون نہ ٻڌو..

اهو شهر جي اداس هوائن ٻڌو،

ڪمري ۾ وکريل ڪتابن ٻڌو

۽ هڪ نئين ٺهيل قبرَ ٻڌو …

. (ص 124)

توکي حبيب ھاڻي ٻڌڻو پوندو

آءِ لو يو.

*

…۽ ائين ئي ٻيو مختصر ليک منهنجي ٻئي پياري دوست سجاد مهر لکيو ..

ريل جي پٽڙين تي چڙهي پياري دوست حبيب ساجد جي لفظن ۾ پويل شرڌانجلي، ٽيگور جي گيتا انجلي جيترو پيارو پهريون شاعراڻو معجزو انجلي جي صورت ۾ چيچ پڪڙي مون تائين اچي پهتو آهي

….نثري نظمن جي اها نوورادات واپرائڻ کان پوءِ وڌيڪ ان تي ڳالهائيندس تيسائين اشفاق آزر جي منهنجي ايندڙ ڪتاب “جيءُ تنهنجي جيءَ سان” ۾ ريل بابت، ان جي وڇوڙي تي لکيو آهي تہ…

“هو شڪارپور ۾ ان هنڌ رهي ٿو جتان ڀرسان ريل جون پٽڙيون گذرن ٿيون، هڪڙي پل آهي، ڪجهه پٿر جون بينچون ۽ هڪ اداس اسٽيشن…جتي وصال ۽ وڇوڙا هوندا آهن ۽ شاعريءَ لاءِ ڇا اهو رومانس گهٽ آهي ته انهن ڪيفيتن کي ڏسجي جيئن ڪنهن پنجابي ماهيا جو ترجمو آهي ته

“سڄي ٽيشڻ ئي تون پاڻ سان کڻي وئي آهين

اي گاڏي، توکي مان ڇا چوان!!”

اها گاڏي ۽ ان جو گارڊ مون کي گيتا جهڙو شهپارو “انجلي” هٿن جي سرزمين تي رکي پاڻ پري هليو ويو آهي ۽ مان ان ڪتاب جي سحر ۾ اڃان تائين ويڙهيو پيو آهيان…