ھڪ جپسي ڪالم … اھو ڏينھن جنھن جو واعدو آ …حبيب ساجد

                 مان پنھنجي ڪتابن جي ڪمري ۾ ويٺو آھيان ۽ ايم پي ٿري پليئر تي فيض احمد فيض جو نظم اقبال بانو شايد پريس ڪلب ڪراچيءَ ۾ ڳائي رھي ھئي، ماڻھن جو ھڪ درياھُ ڄڻ ته اسٽيج آڏو ڇوليون ھڻي رھيو ھو، فيض احمد فيض جي نظم “ھم ديکين گي” جي فرمائش سڀ کان گھڻي ٿي رھي ھئي .. نيٺ ھن جڏھن اھو نظم ڳائڻ شروع ڪيو ته ماڻھن جا جذبات ڏسڻ وٽان ھئا، خاص طور تي جڏھن ھن بند تي پھتي:

“جب ظلم و ستم ڪي ڪوھِ گران،

روئي ڪي طرح اُڙ جائين گي، ھم اھلِ صفا مردودِ حرم..

مسند په بٺائي جائين گي،

 اور راج ڪري گي خلقِ خدا

جو مين ڀي ھون اور تم ڀي ھو … ھم ديکين گي ..

                 ان شعر تي اچي ماڻھو ڄڻ ته پاڳل ٿي ويا، انهن اڳين لائين ٽوڙي ڇڏي، جذبات ۾  مسلسل نعرا ھڻندا رھيا، سوشلزم زنده باد ، مزدور تحريڪ زنده باد .. ايوب شاھي مرده باد .. اقبال بانُو کي ٽي دفعا اھو نظم روڪڻو پيو … ڏھ منٽ دورانيي جو اھو نظم اقبال بانو ان رات 40 منٽن تائين ڳائيندي رھي پر ماڻھن جي فرمائش ھئي .. وري ڳايو…ان ھجوم جي اڳين صف ۾ اسان جو پيارو دوست ۽ ريلوائي ساٿي ڪامريڊ منظور رضي به موجود ھو، جيڪو انھن ڏھاڙن ۾ ھڪ ڳڀرو جوان ھو. ھن جي رڳ رڳ ۾ مزدور دوستي ۽ سامراج دشمني ڀريل ھئي، جنھن جو ھو اظھار بار بار نعرا ھڻائي ڪري رھيو ھو.

پوءِ وقت جو ڦيٿو اھڙو ڦريو جو سوشلسٽ سياست جي پاڪستان مان تڏا ويڙھ ڪرائڻ خاطر ھر ان ماڻھوءَ کي کنڀي ماريو ويو، جن تي سوشلسٽ ھئڻ جو ٿورو به شڪ هو يا اها سرڪاري تھمت مڙھيل ھئي. ڪامريڊ حسن ناصر کان وٺي اسان جي سنڌي ھيرو ڪامريڊ نذير عباسيءَ تائين ھزارين ڪامريڊ ان نظريي جي الفت ۾ سرِ راه ماريا ويا. اڄ به اھو سلسلو اوئين جو اوئين جاري آھي. ڪامريڊن کي اڄ به چونڊي چونڊي اغوا ڪيو ويندو آھي ۽ ٽارچر سيلن جي حوالي ڪيو ويندو آهي. سوشلزم مزدور جي ڀلائيءَ وارو ھڪ معاشي نظريو ھو، جنھن کي پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ پنھنجي ھمدرد لکارين جي ويڪائو فوج ھٿان اسلام ۽ مذھب دشمن نظريو ڪري پيش ڪيو ۽ ماڻھن ۾ غلط تشريحون ڪري ان ڪمال معاشي نظريي کي تباھ ڪيو ويو. اڄ سرمائيدار ۽ سرڪاري اشرافيه ايتري ته ڇوٽ ڇڏيل آھي، جو اھي ملڪ جي ھر اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ ٿيا ويٺا آھن ۽ مزدور اڄ به ھڪ وقت جي مانيءَ لاءِ ھلاک بڻيل آھي. اسان جو محبوب دوست منظور رضي به اسان جي انھيءَ رائگان منزل جو راھي رھيو آھي، حالانڪه ھن جي عمر ھن وقت 80 سالن کان به مٿي آھي پر ھُو اڄ به جلسن جلوسن جي اڳواڻي ڪري ٿو،  اسان جي ريلوي ورڪرس جي ٽريڊ يونين 1948 ۾ ئي قائم ٿي چڪي ھئي، جنھن جي اولين ميمبرن ۾ ناميارو شاعر فيض احمد فيض پھريون آفيس سيڪريٽري بڻيو ھو ۽ مرزا محمد ابراھيم ( پاڪستان ۾ مرزا جھڙو مزدور ليڊر اڄ تائين ٻيو پئدا نه ٿي سگھيو آھي) پھريون سيڪريٽري جنرل بڻيو ھو. آڪٽوبر 1967 ۾ ريلوي ورڪرس يونين جي لاھور ۾ اھا تاريخي ھڙتال اڄ به پراڻن ڪامريڊن کي ياد آھي، جنھن ۾ ريل جي مزدورن ايوب شاھي راڄ جي ظلمن خلاف تيرنھن ڏينھن ريل جو ڦيٿو جام ڪري ڇڏيو ھو. انھن جو مطالبو ھو ته ڪڻڪ جي فراھمي جيئن اشرافيه کي ڪئي پئي وڃي، اوئين ئي ھر مزدور، ھاري ۽ محنت ڪش کي به ڪئي وڃي. ان ھڙتال ۾ شاگرد تحريڪون وڏي انگ ۾ شامل ٿيون ھيون. اھو احتجاج ايوب خان جي آپيشاهيءَ ۽ آمريت خلاف ھڪ وڏو ريفرينڊم ثابت ٿيو ھو، سوين مزدور گرفتار ڪري ٽارچر سيلن حوالي ڪيا ويا. مجبورن ايوب خانَ پنهنجي پٽن جهڙي ذوالفقار علي ڀٽي کي اڳيان آندو. ڀٽو پنھنجي محسن ايوب خان جي امنگن تي سئو سيڪڙو پورو لٿو ۽ ھن ريلوي جي ان عظيم الشان تحريڪ کي سبوتاز ڪرڻ ۾ ھر غلط ڪم ڪيو ۽ پنھنجي اسلام آبادي آقائن کي خوش ڪري ڇڏيو. ذوالفقار علي ڀٽي ريلوي ٽرين يونين تي ھڪ خوفناڪ ڪريڪ ڊائون ڪرايو ۽ ظالماڻين پاليسين سان پاڪستان جي سڀ کان وڏي ٽريڊ يونين يعني ريلوي ٽريڊ يونين کي ٻه اڌ ڪري ڇڏيو. ھڪ اڌ اوپن لائين ۽ ٻيو ورڪشاپ يونين سڏجڻ لڳو. اھو ڪاپاري ڌڪ ريلوي جي ورڪر يونين اڄ تائين سھن نه ڪري سگھي آھي ۽ مزدورن جي سگھ ان نموني بي رحميء سان زائل ڪئي وئي ۽ اهو ڪم ڀٽي کان ڪرايو ويو هو. ڪراچيءَ ۾ ورڪرز يونين جو سائين محمد نسيم رائو ۽ اسان جو سھڻو ساٿي گارڊ محترم جاويد اقبال ميمڻ اڄ به انھن پراڻن ڏينھن کي ياد ڪري اداس ٿي ويندا آھن. اسان جو يار ڪامريڊ منظور رضي ان سڄي ريل مزدور تحريڪ جو نه فقط روح روان رھيو پر انھن سمورن حڪومتي حرڪتن جو اکين ڏٺو شاھد رھيو آھي. ڪجھ ڏھاڙا اڳ ڪامريڊ منظور رضيءَ جو 80 هون جنم ڏينھن ھو، آمرن جي آمر جنرل ايوب خان جي دؤر ۾ ڪامريڊ رضي ريلوي ۾ ڀرتي ٿيو ھو. ھن جو والد به ريلوي ملازم ھو ۽ اھا فئملي ڪراچي سٽي اسٽيشن جي ريلوي ڪالونيءَ ۾ رھندي ھئي. 1967 ۾ جڏھن مرزا محمد ابراھيم جي قيادت ۾ ريلوي جا مزدور ڪراچيءَ ۾ ھڙتال ڪري رھيا ھئا ته ان جلسي ۾ ڪامريڊ منظور پنھنجي زندگيءَ جو پھريون نظم پڙھيو ھو ۽ تاڙين جي گونج ۾ اسٽيج تان لٿو ھو. ان بعد ڪامريڊ جي پوري زندگي مزدور تحريڪن جي اڳواڻي ڪندي گذري … پر ٿيو ايئن جو ان نظم بعد جيڪو آمريڪا جي خلاف لکيو ويو ھو، کيس گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو، جتي ھن جي ھڪ سينيئر ساٿيءَ ھن کي مئڪسم گورڪيءَ جو مشھور ڪتاب “ماءُ” پڙھڻ لاءِ ڏنو ھو. ان ڪتاب ڪامريڊ منظور جي ڪايا ئي پلٽ ڪري ڇڏي ۽ ھُو سوشلسٽ راھن جو ھڪ سچو راھي ٿي ويو… بعد ۾ ھُو پيپلز پارٽيءَ ۾ به شامل ٿي ويو هو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو کيس پنھنجي نالي سان ياد ڪندو ۽ سڏيندو ھو. انڌي منڊي عوامي راڄ ۾ ڀٽي جي عوام دوست پاليسين جو عاشق به رھيو. ڪامريد ھاڻ به وڏي واڪي چوندو آھي ته اڄوڪي پيپلز پارٽي موقعي پرستن جي پارٽي بڻجي چڪي آھي، عوام جي ھن پارٽيءَ مان عوام کي ايئن ڪڍيو ويو آھي، جيئن کير مان مک ڪڍي اڇلي ڇڏبي آھي … مرتضي ڀٽو جي قتل کي ڪامريڊ رضي اچ به وساري نه سگھيو آھي ۽ رکي رکي اداس ٿي ويندو آھي.

اسان جي ريلوي تي سڀ کان برو وقت تڏھن آيو ھو، جڏھن آءِ ايس آءِ جي چيف جنرل جاويد اشرف قاضيءَ کي آمرن جي آمر پرويز مشرف ريلوي جو وزير بڻايو ۽ ھن ريلوي جي مزدور دوست رھنمائن خلاف رڻ ٻاري ڏنو ھو. پھرين ڪامريڊ رضيءَ کي ڪراچيءَ کان پشاور بدلي ڪيو ويو. ان بعد راولپنڊي ۽ ان بعد لاھور ۽ آخر ۾ سکر ۾ پوسٽنگ ڪيائونس. ھتي سکر ۾ ھن جي علم پرور ۽ انسان دوست انسان مرحوم محمد يعقوب زرداري، جيڪو انهن وقتن ۾ ريلوي ڊويزن سکر جو ڊي ايس هو، پنھنجي نگرانيءَ ۾ ڪامريڊ رضيءَ جي ريٽائرمينٽ جا ڪاغذَ ٺھرايا ۽ کيس ريٽائرمينٽ وٺي ڏني ته جيئن ڪامريڊ رضيءَ جا اهي رولاڪڙا ختم ٿين ۽ اهڙيءَ طرح ڪامريڊ رضي پهريون دفعو عزت ۽ سڪون سان ريٽائر ٿي ويو ۽ ھن جي ريٽائرمينٽ جي ڏھاڙي ڊي ايس زرداري صاحب ريلوي جي ڪاميٽي روم ۾ ڪامريڊ رضيءَ جي مان ۾ ھڪ سھڻي تقريب رکرائي، جنھن ۾ مان به موجود ھيس. تقريب ۾ زرداري صاحب ڪامريڊ رضيءَ جي مزدور جدوجھد کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ ھن جي ريٽائرمينٽ جا سمورا واجبات اسان آڏو ھن جي حوالي ڪيا. ان بعد ڪامريڊ ڪراچيءَ پنھنجي فئمليءَ کي وقت ڏيڻ لڳو. چون ٿا ريلوي جو وزير قاضي جاويد ڊي ايس زرداريءَ تي ڏاڍو ڪاوڙيو ھو ته ڪامريڊ رضيءَ کي ڪنھن جي اجازت سان ريٽائر ڪيو ويو.. ۽ ھن کي ايڏي عزت سان ڇو وڃڻ ڏنو ويو ھو. ھاڻي به جڏھن ڪراچيءَ وڃڻ ٿيندو آھي، ڪامريڊ رضيءَ سان ڪنھن نه ڪنھن پروگرام ۾ ملاقات ٿي ويندي آھي ۽ پوءِ اسان سڀئي ريلوائي سنگتي، جن ۾ ڪامريڊ مشتاق خان ۽ ٻيا سڀئي سنگتي ڪامريڊ رضيءَ کان فرمائش ڪندا آھيون ته حبيب جالب صاحب جو نظم جھونگاري ٻڌائي ..  ۽ ڪامريڊ ھڪ سھڻي مرڪَ سان آتشين پاڻيءَ واري شيشي مان ڍُڪ ڀري جڏھن جالب صاحب جو ھي نظم جھونگاريندو آھي ته اسان سڀئي ساٿي پنھنجي پنھنجي زمان حال مان غائب ٿي ويندا آھيون..

“ديپ جن ڪا محلات ۾ ھي جلي

چند لوگون کي خوشيون کو لي ڪر چلي

وھ جو سائي مين ھر مصلحت ڪي پلي،

ايسي دستور کو .. صبحِ بي نور ڪو

مين نھين مانتا، مين نھين جانتا”