منھنجو پُٽ خالد حبيب اڄ ڪلھ ملائشيا جي راڄڌاني ڪوالالمپور کان ھفتي کن لاءِ ڳوٺ آيل آھي. ڪالھ ڳوٺ کان واپسيءَ تي سکر آيو ته ٺيڪ انھيءَ مھلَ مون کي سائين اياز گل جي ڪال آئي ته مون وٽان چڪر ضرور ھڻي وڃو. اھو جملو ٻڌي، اسان جي خوشيءَ جو ڪو ڪاٿو ئي نه ھو. اسان ٻئي يعني مان ۽ خالد شام جو ستين وڳي ماڪا ڳوٺ مان نڪتاسين ۽ عارف بلڊرس جي دنيا ۾ سائينءَ جي نالي سان جُڙيل “اياز گل اسٽريٽ” ۾ داخل ٿياسين. انھيءَ گھٽيءَ جي بلڪل وچ ۾ ساڄي پاسي اھو خواب نگر جُڙيل آھي، جنھن جي دروازي جي نرڙ تي اياز گل ھڪ خاص ڪئليگرافِڪ انداز ۾ لکيل آھي … ايئن سمجھو ته اھو سائين اياز گل جي لکڻين، ڪتابن ۽ ھر ادبي ڪم جو ھڪ سگنيچر مونوگرام آھي. سدائين جيان سائين اياز پاڻ ٻاھر نڪري آيا ۽ اسان ٻنھي کي پنھنجي وشال ڀاڪرن ۾ ڀري اندر ڊرائنگ روم ۾ وٺي آيا. اڃان سلام دعا مسين پوري ئي ڪئي ھُئي سين ته سائينءَ جو تازو ٿيل پاڙيسري ۽ منھنجو پيارو يار پلس ڳوٺائي محمد علي سھتو به اچي ويو. پوءِ ته ڪچھريءَ کي ڄڻ پرَ لڳي ويا. فوٽوگرافي ۽ ڪچھري ڪندي ئي ڊنر جو سڏ ٿيو. اندر ھڪ سھڻي ڪمري ۾ ماني کاڌي سين. سائين اياز گل سدائين جيان اسان جي ماءُ جيان ھر ڊش کڻي ڪري ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ چوندا رھيا ۽ پنھنجي ھٿن سان شيون کڻي کائڻ لاءِ ڏيندا رھيا. ائين اھا خوابن جھڙي ملاقات ڏھين وڳي اسان جي اٿڻ سان سماپت ٿي. سائين اياز گل ۽ ھن جي آشياني جون کوڙ ساتريون يادون کڻي اسان ٻئي پيءُ پٽ پنھنجي گھر آياسين. اڄ معمول جي ابتڙ الائي ڇو ننڊ ئي ڪانه پئي آئي ۽ اھائي حالت خالد سائينءَ جي به ھئي، ان ڪري اسان گھر وارن کان پاڻ لڪائي گھر جي مٿين پورشن ۾ اچي ويھي رھياسين، اتي چانھ ٺاھڻ جي سھولت ميسر ھئي، ان ڪري مون ٻه ڪپَ چانھ ٺاھي ۽ ڪرسين تي رليڪس ڪري ويھي رھياسين. خالد سائينءَ کان مون پڇيو ته دنيا جي مختلف ماڳن مڪانن جا سئر سفر ڪندي ڪھڙي ماڳ ھن جي ذھن ۽ دل تي پنھنجي خوبصورتيءَ ۽ سڪون جا نقشَ ڇڏيا؟ ته خالد ٻڌايو .. انڊونيشيا جي جاوا ٻيٽ تي موجود بوروبودور جي قديم ۽ پراچين ٻُڌ آسٿان مون کي حيران ڪري ڇڏيو ھو. مون کيس ڳالھائڻ تي آماده ڪيو ۽ ھن اتان جو ماحول چٽڻ شروع ڪيو. ھن جون اکيون بند ھيون.
“بابا … جڏھن مان اتان جي ھڪ ھوٽل ۾ صبح جو چئين وڳي ننڊ مان جاڳيو ھيس ته ان مھل زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ ھر ڪا شئي ڪوھيڙي ۽ اڌ اونداھَ ۾ ٻڏل ھئي. ھوا ۾ صبح جي گلن جي ھوش وڃائيندڙ مھڪَ ايتري ته تيز ھئي جو ساجھري اٿڻ وارو ٿَڪُ ھڪ لمحي ۾ ئي ھوا ٿي اڏامي ويو. صبح جو اھو منظر ڏسڻ لاءِ ئي ته مان ھزار کن ميل جو سفر ڪري ملائيشيا جي شھر ڪوالالمپور کان ھتي پھتو ھيس. مون دنيا ۾ کوڙ ساتريون جايون وِزٽ ڪيون آھن پر قدرتي سونھن جو جيڪو ڪمال ھتي جي سج اڀرڻ ۽ لھڻ مھل مون محسوس ڪيو ھو، اھو گھٽ ۾ گھٽ مون ٻئي ڪنھن به ھنڌ ان شدت سان محسوس ڪونه ڪيو ھو. صبح صادق مھل سورج ديوتا پنھنجي ريشمي رٿَ تي جيئن اوڀر پاسي کان نروار ٿيو ته مون به پنھنجي مشيني رٿَ يعني موٽرسائيڪل اسٽارٽ ڪئي ۽ آسمانن کي ڇھندڙ ڪلسن واري بوروبودور خانقاھَ طرف ڊڪڻ لڳو ھوس. ھتي صدين کان ڦھليل تاريخ جي ماٿي تي سج اڀرڻ جو منظر ڄڻ ڪنھن ڪنوار جي ماٿي تي سونھري ڪنھن جھومر جيان جرڪي رھيو ھو. ڪوھيڙو آھستي آھستي زائل ٿيڻ لڳو ھو ۽ پري کان بوروبودور جي خانقاھ کي منھنجون اکيون ھوريان ھوريان ڄڻ ته دريافت ڪري رھيون ھيون. مان ٽڪيٽ وٺي جيئن اندر داخل ٿيس ته اندر اڏرندڙ پکين جي پرن جي نفيس ڦڙڦڙاھٽ سان گڏ جنت جي ڪنھن ٽڪري ۾ ڦُولاريل گلن جي مخصوص ٿڌيرڙي مھڪ ھر طرف ڦھليل ھئي ۽ جيڪا منھنجي نڪ مان معطر ساھ جيان اندر گذري روح ۾ بيحد گھرو پيھي رھي ھئي. ھڪ لطيف راحتَ لمحو لمحو ڄڻ رڳن ۾ لھندي محسوس ٿي رھي ھئي. منھنجي گائيڊ مون کي ٻڌايو ته خانقاھ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ۾ خاص قسم جا جوتا پائڻا پوندا آھن، جيڪي خاص قسم جي مقامي پتن مان ٺھيل ھوندا آھن. ھيءَ جاءِ بنھ به عام ۽ معمولي ڪانه ھئي. ھيءَ جاءِ رڳو پٿرَن جو ڍير به ڪانه ھئي، بلڪه ھيءَ ٻُڌ مذھب کي مڃڻ وارن مونڪس يا ڀڳشو لوڪَ جي ھڪ بيحد پراڻي ۽ پراچين عبادت گاھ آھي. انسانن جيان ساھ کڻندڙ جيئرا جاڳندا فن پارا ڏسندي ۽ ڇُھندي مان يُڳن کان نيشان ٿيل انساني قدمن ھيٺان گَسندڙ ڏاڪڻيون چڙھي جڏھن مٿي پھتو ھيس ته سامھون ڦھليل منظر ڄڻ ڪنھن خواب نگر جو ڏيک ڏيئي رھيو ھو. مون کي پھرين نظر ۾ جيڪا خانقاھ نظرن آڏو طلوع ٿي بيھي رھي ھئي، اھا رڳو پٿرُ نه ھئي. بلڪه اھي پٿر صدين جي صدائن جيان پنھنجون آکاڻيون سيني تي لکرائي کوليو بيٺا ھئا. انھن آتش فشاني پٿرن جي لَسَ بلاڪن مٿان بيھي منظرن کي اکين ۾ لاھڻ بيحد سھڻو لڳي رھيو ھو. ھر ڪا ديوار، ھر ڪو مجسمو ۽ ھر ھڪ سنگي سُتونُ ڄڻ پنھنجي ڪا انوکي ڪھاڻي ٻڌائڻ لاءِ چپَ کوليو بيٺو ھو، بس ٻڌڻ وارو ڪو ھُجي. منھنجي دل ھوريان ھوريان ان وقت کي گذرڻ ڏنو، مگر ان دوران مون پنھنجي اکين جي عقيدتن کي مرڻ ڪونه ڏنو ھو. اسان پنھنجي گائيڊ پوئتان ايئن ھلي رھيا ھئاسين، جيئن لوھ جو ٻُورو چقمق پوئتان ڇڪبو ويندو آھي. گائيڊ ٻڌائي رھيو ھو ته ھن خانقاھ کي ٺھڻ ۾ سٺ سال لڳا ھئا، ٽن انساني نسلن ھن جاءِ لاءِ پنھنجون زندگيون وقف ڪري ڇڏيون ھيون. ھيءَ خانقاھَ ڇھن درجن ۾ ٺھيل آھي. ھر درجو انسان جي روحاني سفرَ جي ڄڻ ته ڪا تاريخ آھي. ڏاڪڻيون چڙھي جيئن پھرين منزل تي ساھي پٽي سين، جنھن کي اسان پھريون پڙاءُ به چئي سگھون ٿا، انھيءَ پھرين منزل تي ٻُڌ ڌرم جا ڀڳشو طوافَ جيان گول گول چڪرَ ڪاٽيندا آھن. جنھن کي ھُو پنھنجي ٻوليءَ ۾ “ڪاماڌاتُو” ڪوٺيندا آھن. ھر ھڪ طواف يا چڪرَ جو پنھنجو الڳ الڳ نالو ۽ مطلب ھوندو آھي. ڪاماڌاتُو تي ھر ڀڳشو پنھنجي خواھشن کي پنھنجي نفس کان ڌار ڪري پوءِ ئي اڳتي وڌي ٿو. ٻي منزل تي پھچي گائيڊ ٻڌائي رھيو ھو ته ان منزل کي “روپاڌاتُو” چوندا آھن، جنھن ۾ ڀڳشو پنھنجي اندر ۽ پنھنجي انا سان جنگ جوٽيندو آھي. ٽيون درجو “اروپا” آھي، جنھن ۾ ھُو پنھنجي انا ۽ مان کان آزاد ٿي وڃي ٿو. چوٿين درجي ۾ رحم دلي ۽ خدمت جو جذبو ڇوليون ھڻڻ لڳي ٿو. پنجين منزل تي مراقبو .. ميڊيٽيشن ۽ سُڪون ماڻڻ جو جھان ملي ٿو. ايئن آخري ۽ ڇھين منزل تي اھو انسان ڪائنات کي ھڪ نئين نگاھ ۽ زاويي سان ڏسڻ لڳي ٿو ۽ کيس پنھنجي زندگيءَ جو حاصل رتبو يعني نرواڻ ملي ٿو. نرواڻ اھا روحاني روشني آھي، جنھن جو پڙاڏو صدين کان ان خانقاھ جي در و ديوار ۾ گونجندي محسوس ٿيندو آھي.