ريلوي اسٽيشن به ھڪ عجيب دنيا ھوندي آھي، ھر ماڻھوءَ کي زندگيءَ ۾ ڪڏھن نه ڪڏھن، ڪنھن نه ڪنھن اسٽيشن سان ضرور واسطو رھندو آھي ۽ اھو واسطو پوءِ ھڪ عشق ۾ بدلجي ايئن ٿي ويندو آھي جو اھي ماڻھو پوءِ پنھنجي پوري زندگي اسٽيشن جي حوالي ڪري ڇڏيندا آھن، انھن جي اٿڻي ويھڻي، کلڻ روئڻ ۽ ڳالھائڻ ٻولھائڻ به رڳو اسٽيشن جي اردگرد پيو ڦرندو آھي، ھي ڳالھ مون کي ائين به اتساھ ڏيندي آھي ته مون به پنھنجي زندگيءَ جا پنجٽيھ سال ريلوي کي ڏنا آھن. ريلوي ھر حوالي سان ھڪ مختلف ادارو آھي، جنھن ۾ اھڙيون اھڙيون ھستيون به موجود رھيون، جن کان سواءِ ريلوي جي “ ر” به ھلي نه سگھي ھا پر ھتي اھڙا ڪردار به رھيا آھن, جن کي اسٽيشن تي ايندي ڏسي ڪو قُلي به اڳتي وڌي انھن جي ھٿن مان بئگ وٺڻ پسند نه ڪندو آھي. ريلوي ھڪ عجب پروٽوڪول جي عجيب دنيا آھي جنھن ۾ ھڪ گريڊ جي ملازم جي ته لئي آھي ئي آھي، پر اُتي ئي سترھين گريڊ جو ھڪ آفيسر ارڙھين گريڊ جي پنھنجي باس آفيسر جي آفيس ۾ ھن سامھون پيرن ڀر بيٺو ھوندو آھي پر کيس اھا جرئت ڪين ھوندي آھي ته ھُو ڪرسي سيري ان تي ويھي رھي …۽ ساڳي ئي جاءِ تي اھو عجيب پروٽوڪول به ريلوي ۾ ئي آھي, جو اداري جو سڀ کان وڏو يعني 22 گريڊ جو چيئرمين ريلويز به سترھين گريڊ جي ھڪ آفيسر جي آفيس ۾ ايندو ته ڪڏھن به ھن جي ڪرسيءَ تي نه ويھندو ، بلڪه وزيٽرس جيان ھُو به پنھنجي ماتحت آفيسر جي آڏو مھمانن جيان ويھندو.. پاڪستان ريلوي اھو واحد ادارو آھي جنھن جا پروٽوڪولس اڄ به انگريزن جي دئور وارا آھن .. ڪارپوريٽ ڪلچر واري آفيسز جي فرينڊلي ڪلچر بجاءِ ھتي اڄ به دروازي تي بيٺل پٽيوالي وارو ڪلاسڪ سسٽم رائج آھي، ڪارپوريٽ آفيسن ۾ آفيسر پنھنجي ھٿن سان چانھ ٺاھي کڻي ايندو آھي، ساٿين دوستن سان چانھ شيئر ڪندو آھي ۽ ڪچھري به ڪندو آھي پر ريلوي ۾ ايئن ڪرڻ ممڪن ئي نه آھي، ھڪ ھڪ ريلوي جي آفيسر وٽ چار چار پٽيوالا ھوندا آھن ۽ اھي سڀ ڪنھن نه ڪنھن اسٽيشن جي ڊيوٽي تان ھٽائي مقرر ڪيا ويندا آھن، پوءِ اھي ننڍڙا ۽ ڪلاس فور جا ويچارا ملازم آفيسر جي گھر جي ماني پچائڻ کان وٺي انھن جا ڪپڙا ڌوئڻ جو ڪم به ڪندا آھن. اھا حاڪمانه ۽ غلامانه ذھنيت اوھان کي ريلوي جي ھر ڪارنر ۾ بدرجہ اُتم ملندي..آپريشنز ڊپارٽمينٽ جي اھم ملازمن کي اسٽيشنن تان ڪڍي پنھنجي گھرن ۾ ملازمتون ڪرائڻ اسان جي ريلوي ڪلچر ۾ عام جام آھي.
ڳالھ ھلي رھي ھئي اسٽيشنن جي ماحول جي، ته اسٽيشنن تي اوھان کي عام جام اھڙا ڪردار ملندا، جن پنھنجي پوري زندگي اسٽيشن تي گذاري ۽ ريلوي ۽ ريل جي مسافرن جي دل سان خدمت ڪئي .. ڪالھ مون کي اھڙي ھڪ پوسٽ منھنجي ريلوي جي پراڻي ساٿي ڪامريڊ مشتاق خان موڪلي، جنھن جي تصديق منھنجي ميرپور خاص جي محبوب ساٿين جاويد اقبال ميمڻ ۽ ڪامريڊ رميش لال پڻ ڪئي ته واقعي اھڙا کوڙ ساترا ڪردار ريلوي اسٽيشنن تي ڦھليا پيا آھن، جن پنھنجي پوري زندگي ريلوي کي ارپڻ ڪئي، اھڙن چند ڪردارن مان ڪجھ جو ذڪر ھتي ڪنداسين. انھن ۾ پھريون ڪردار بابا جيون عرف جِيوا جو آھي، ھي ان دئور جو ريلوي جي پٽڙين تي ڪم ڪندڙ مزدورن جو جمعدار ھو، جڏھن ٽرين اڃان ننڍڙي گيج جي پٽڙين تي ڊوڙندي ھئي، جنھن کي اسان ريلوي وارا عرف عام ۾ ميٽر گيج چوندا آھيون. بابا جيون عرف جيلا ھن وقت 90 کان 100 سال جو جُھور پوڙھو آھي پر اڄ به بدين پاسي ھڪ ننڍڙي اسٽيشن ڇور تي موجود ملندو آھي، ڇور شھر جي ڀڪ ۾ ھاڻي فوجين ھڪ ڇانوڻي به پاڙيسري ملڪ جي ڪري ٺاھي ورتي آھي، جتي گھڻا گھڻا تڻا پنجاپي آفيسر ۽ فوجي تعينات ھوندا آھن، ان ڇور اسٽيشن تي ھفتي ۾ رڳو ھڪ ڀيرو ڪراچيءَ کان ماروي ٽرين ھلندي آھي ۽ ٻئي ڏينھن واپس ڪراچيءَ ھلي ويندي آھي، بابا جيون جمعدار اڄ به اسٽيشن تي ايندو آھي ۽ مسافرن ۽ وزيٽرس جي خدمت بغير ڪنھن معاوضي جي ڪندو آھي. جڏھن به ٽرين ايندي آھي، بابا جيون پاڻ اسٽيشن ماسٽر کان ٽرين جي ھلڻ جي سَنَدَ جنھن کي اسان ريلوي وارا پي ايل سي (پيپر لائن سرٽيفڪيٽ) چوندا آھيون، اھا پرچي ڊائون سگنل جو ڪم ڪندي آھي ۽ ڊرائيور کي اھا اٿارٽي ڏيندي آھي ته اڳين اسٽيشن تائين پٽڙيءَ تي ٻي ڪابه ٽرين ڪانھي ۽ ھُو بي خوف و خطر ٽرين اوسيتائين ڪاھي وڃي، اڳلي اسٽيشن تان وري ٻي .. پي ايل سي ان کان اڳين اسٽيشن لاءِ ملندي آھي ۽ ايئن ٽرين جي ورڪنگ ھلندي رھندي آھي … ريل سان بابا جيوڻ جمعدار جي محبت اڄ به اُئين ئي قائم ۽ دائم آھي، جڏھن ھي ستر سال اڳ ۾ ريلوي ۾ گينگ مين طور ملازم ڀرتي ٿيو ھو. (گينگ مين ريل جي پٽڙيءَ جي سار سنڀار ۽ مينٽيننس ڪرڻ جو ڪم ڪندو آھي)، چون ٿا بابا جيوڻ اڄ به زندہ آھي ۽ گھڻو تڻو اسٽيشن جي ماحول ۾ ھيڏانھن ھوڏانھن گھمندي ڦرندي ملندو آھي، ريل سان ھن جي محبت ڪا ھڪ ٻن سالن جي ڪھاڻي ناھي، بلڪہ پوري صديءَ جو سفر آھي، جيڪو ڇور ريلوي اسٽيشن ۽ اتان جي رھواسين جي اکين ۾ اڄ به ڪنھن ياد جيان زندہ آھي.
ريلوي سان لاڳاپيل ھڪ ٻيو اھڙو ئي ڪردار ادريس مستانہ جو به آھي، جيڪو اوھان کي انڊيا جي سرحد جي ڀڪ ۾ کوکروپار اسٽيشن تي گھمندي ڦرندي ملندو، ھي ادريس مستانہ ذھني طور تي نارمل ناھي پر ھن کي جيڪو ڪم ريلوي لاءِ ڏنو ويو آھي، اھو ھي بھترين طريقي سان سرانجام ڏئي ٿو .. ادريس مستانہ جو والد نذير ريلوي ۾ ڪيلنر ھو. ان جي آن ڊيوٽي وفات تي محڪمي جي پاليسيءَ مطابق ادريس مستانہ کي ملازم رکيو ويو ھو، ادريس مستانہ پنھنجي انداز ۾ کوکروپار اسٽيشن جو ھڪ اھڙو ڪردار آھي, جنھن سان ريلوي جا ڇا، عام مسافر به پيار ڪندا آھن، کيس جيڪو به ڪم ڪار چيو ويندو آھي، ڊڪي ڪري ڪندو آھي، ان ڪري ادريس مستانہ کي کوکروپار اسٽيشن جو بادشاھ چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو.. ادريس مستانہ مجنون ھجڻ جي باوجود به ماڻھن ۽ مسافرن جي خدمت ۾ سرشار ڊڪندي گھمندي نظر ايندو آھي، ان ڪري ئي مسافر مستانہ کي ڪجھ نه ڪجھ دان ڪري ويندا آھن ۽ ھن جي بي لئوث محبتن کي سلام پيش ڪندا آھن..
اھڙو ئي ھڪ ٻيو ڪردار ميرپورخاص ريلوي اسٽيشن جي سليم مستانہ جو به آھي، جيڪو آھي ته شھر جي ڪنھن محلي جو رھواسي پر گھڻو تڻو ريلوي اسٽيشن تي نظرجندو آھي، جيئن ئي ڪراچيءَ کان آيل ٽرين ميرپورخاص اسٽيشن تي بيھندي آھي، ھي ڪو ڪپڙو کڻي ٽرين جي انجڻ کي صاف ڪرڻ ۾ لڳي ويندو آھي، ان ڪم ۾ ھن جا پنھنجا ڪپڙا به انجڻ کي چنبڙيل مٽي ۽ گريس سان داغدار ٿي ويندا آھن پر ھن کي ان جي ڪا پرواھ نه ھوندي آھي، نه ڪنھن کان ڪو معاوضو گھرندو ۽ نه ئي ڪا خيرات .. بس چپ چاپ پيو انجڻ کي ڪپڙي سان پيو صاف ڪندو رھندو آھي، پنھنجي ڪم ۾ صفا مگن ۽ گُم .. صفا مست ملنگ … سليم مستاني جي ريل سان اھڙي محبت کي ڪھڙو نانءُ ڏئي سگھجي ٿو … اھو سوچڻ پنھنجي وس ۾ ڪونھي ..
ڪنھن دئور ۾ جوڌپور جي راجا جي ريلَ نوابشاھ کان ھلندي ھئي ۽ ڇور ڇانوڻيءَ جي سرحد پار ڪري ھندستان جي سرحدي شھر گدراپور کان ٿيندي راجستان جي شھر جوڌپور پھچندي ھئي. انھيءَ ٽرين جا قصا به ڪمال جا مشھور آھن ، اھا ٽرين نه ھئي، مقامي لوڪَ ماڻھن جي جسم جي ڄڻ شاھ رڳ ھئي، ننڍڙي سائيز جي انجڻ ۽ ايتري ئي سائيز جي پنجن بوگين سان اھا راجا ريل وڏي شان مان سان نوابشاھ کان ھلندي ھئي، ان ٽرين جا قصا اڄ به ٻڌندا آھيون جڏھن نوابشاھ اسٽيشن تي ڪو جھُور پوڙھو ملي پوندو آھي ، ھُو يادن جي ورقن کي ورائڻ کان اڳ ۾ ھڪ ٿڌو ساھ ضرور ڀريندو آھي ۽ پوءِ ان راجا جي ريل جا قصا کڻي جو شروع ٿيندو آھي ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ نه ھن جي اکين جي جوت جھڪي ٿيندي آھي، نه ئي ڳالھين جو اتساھ گھٽ ٿيندو آھي. ايئن ئي ميرپورخاص ۽ ٿر سيڪشن جي ريل جي قصن جي رڪارڊنگ ڪجي ته وڏيون ڪھاڻيون ٻڌڻ لاءِ ملنديون. ٿر سيڪشن اسان جي ريلوي جو ھڪ اھڙو سيڪشن آھي، جنھن جي ذڪر بنا ريلوي جي تاريخ اڌوري آھي. مون کي ياد آھي سن 2000 جي ھيڏانھن ھوڏانھن ھيڊڪوارٽر لاھور کان ھڪ آفيسر بدلي ٿي سکر آيو ھو، ان جو نالو غلام رسول ميمڻ ھو، انھن وقتن ۾ 20 ۽ 22 گريڊن تائين ڪنھن سنڌيءَ جو پھچڻ سچ ته آسماني معجزي کان گھٽ ڪونه ھوندو ھو، ريل جي پنجاپي اشرافيه ايتري ته طاقتور ھئي جو ڪنھن سنڌيءَ جو ھئڊڪوارٽر ۾ ھجڻ لڳ ڀڳ ناممڪن ھوندو ھو، انھن وقتن ۾ ميمڻ صاحب جھڙي سنڌيءَ جو چيف انجنيئر ٿيڻ ھڪ اڻ ٿيڻي ڳالھ ھئي، سائين ميمڻ صاحب سان مون کوڙ مھينا سکر جي آفيس ۾ گڏ ڪم ڪيو ھو ۽ ھُو پنھنجي ڪم سان ڪم رکندڙ انسان ھو .. بعد ۾ ميرپور خاص کان کوکروپار سيڪشن جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر طور ميمڻ صاحب اھا پوري پٽڙي پنھنجي نگرانيءَ ۾ جوڙائي ۽ اھڙي جوڙائي جو اڄ به ان پٽڙيءَ جي مضبوطيءَ جي ھاڪ ريلوي جي ايوانن ۾ گونجي رھي آھي.